ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ ھڪ مظلوم صوبو آھي، جتي جو عوام بنيادي حقن کان محروم آھي: محمد حسين محنتي

سنڌي خبرون 14th Nov 2023 108 مناظر

سنڌ ھڪ مظلوم صوبو آھي، جتي جو عوام بنيادي حقن کان محروم آھي: محمد حسين محنتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻوايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آھي تہ سنڌ ھڪ مظلوم صوبو آھي،اسٽيبلشمينٽ ان کي تجربہ گاہ جڏھن تہ جاگيردار۽ وڏيرا شاھي نظام عوام کي پنھنجي بنيادي حقن کان بہ محروم ڪري ڇڏيو آھي،اھڙي سوچ رکندڙن کان نجات حاصل ڪرڻ سنڌ جي مفاد ۽ وقت جي ضرورت آھي.16 مھينا پي ڊي ايم حڪومت جا مزا ماڻيندڙ ۽ ھر ڀيري ھڪ ٻئي جا سھولتڪار رھندڙ چونڊون ويجھي ايندي ئي ھڪ ٻئي خلاف بيان باز ڪري رھيا آھن جيڪو عوام کي بي وقوف بڻائڻ کان سواءِ ڪجهه بہ نہ آھي، 8 فيبروري تي عوام اھڙن دوکيبازن ۽ سنڌ جي سوديبازي ڪندڙن کي ووٽ جي طاقت سان رد ڪري ڇڏي.اھڙن خيالن جواظھار ھن اڄ قباء آڊيٽوريم ۾ ملاقات ڪندڙ مختلف وفدن سان ڳالھائيندي ڪيو.ھن وڌيڪ چيو تہ ٻڌايو وڃي ٿو تہ سنڌ ۾ گذيل 15 سالن ۾ 20 ھزار ڪروڙ رپيا هرسال ترقياتي پروگرام تي خرچ ٿيا آھن پرعملي طور ڪراچي کان ڪشمور سموري سنڌ جاشهر کنڊر ۽ ڪچري جاڍير بڻيل آهن.اھڙي طرح ٻوڏ کي ڏيڍ سال گذرڻ باوجود سنڌ ۾ ٻوڏ سبب تباہ ٿيل 21 لک کان وڌيڪ گهرن جي بحالي وارو ڪم نہ ٿي سگهيو آھن.ٻاهرکان ايندڙ امدادي سامان توڙي اعلانيل امدادي رقم جو پڻ ڪو ڏس پتو ڪونهي.مھانگائي ۽ امن امان جي صورتحال اھڙي آھي جو عوام جوجيئرو رھڻ بہ مشڪل بڻجي ويو آھي.15 سالن کان سنڌ ۾ راڄ ڪندڙ پارٽِي پنھنجي ڪارڪردگي ٻڌائڻ بدران ھڪ ٻئي تي الزام ھڻي عوام کي ھڪ ڀيرو ٻيھر دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھن.انڪري سنڌ جو عوام سجاڳي جو ثبوت ڏيئي 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ مخلص ، ديانتدار ۽ سنڌ دوست نمائندن کي ڪامياب ڪري. ان موقعي تي صوبائي اڳواڻ علامه حزب الله جکرو،سيڪرٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ گڏ موجود هئا. هوڏانهن جماعت اسلامي ضلع ٿرپارڪرجي امير مولانا ميرمحمد بليدي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي سان ملاقات ڪري فلسطين فنڊ ۾ هڪ ملين جو چيڪ پيش ڪيو.#
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ