جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

چائنا جي 10 رڪني وفد جو سنڌ جي عظيم ماڳ موهن جو دڙو جو دورو

سنڌي خبرون 30th Jan 2025 304 مناظر
چائنا جي 10 رڪني وفد جو سنڌ جي عظيم ماڳ موهن جو دڙو جو دورو

موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن: پرڏيهي سياح

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان چائنه جو 10 ڄڻن جو وفد سنڌ جي عظيم ۽ قديم ماڳ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو،موهن جو دڙو جي مختلف ايرياز ڊي ڪي ايريا، ايڇ آر،اسٽوپا گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا.پر ڏيهي سياحن آثار ڏسي حيرت جو اظهار ڪيو.پرڏيهي وفد کي موهن جو دڙو تي مقرر انچارج ظهير احمد جوکيو ويلڪم ڪيو ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجن ٿا هنن چيو ته هتان جي ماڻهن هزارين سال اڳ به وڏي جوڙجڪ سان وڏا ڪشادا گهر ٺاهيا هئا آثار ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو.هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آهن هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.پرڏيهي وفد جي سيڪورٽي تمام سخت ڪئي وئي هئي جڏھن ته ايس ايڇ او ايئرپورٽ لياقت علي کجڙ پرڏيهي وفد جي پڻ سيڪورٽي انچارج مقرر هيو.هوڏانهن پرڏيهي وفد کي مقرر موهن جو دڙو تي سنڌ ٽوئرزم گائيڊ ارشاد سولنگي گائيڊ ڪيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ