جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ پوپرھيت جو بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 22nd Aug 2023 47 مناظر

بااثر منھنجي پٽ مرتضيٰ کي چوري جو الزام ھڻي گرفتار ڪرايو آھي

نوشھروفيروز (ڊ ر) ڪلهوڙا اسٽيشن جو رهواسي علي گل شر پريس ڪلب اڳيان پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو آھي ته ڪجھ ڏينهن اڳ لونگ راڄپر جي ڀاء جي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي هئي جنهن جو ڪوڙو الزام منهنجي پٽ مرتضي شر تي لڳائي کين پوليس هٿان ناحق گرفتار ڪرايو ويو آھي اسان چور ناهيون سڄي عمر شرافت واري زندگي گذاري آھي جڏهن ته سڄي ڳوٺ ۾ قرآن پاڪ گهمايو آھي ته جنهن وٽ گاڏي هجي اهو پاڪ ڪتاب جي واسطي گاڏي واپس ڪرائي منهنجي بيگناه پٽ جي زندگي بچائي۔ ڳوٺاڻي ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي بيگناه گرفتار ٿيل منهنجي پٽ کي آزاد ڪيو وڃي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ