ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

سياسي طور سنڌين کي غلام ۽ ناڪارا بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌي خبرون 08th Mar 2026 481 مناظر
سياسي طور سنڌين کي غلام ۽ ناڪارا بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي

گلشن حديد ۾ ايس ٽي پي جي تقريب دوران خليل چانڊيو جي ڪتاب “سنڌو مت” جي مهورت

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ايس ٽي پي طرفان شموليت، نامياري ليکڪ خليل چانڊيو جي ڪتاب “سنڌو مت” جي مهورت ۽ افطار پارٽي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، اديبن،ڪارڪنن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، حيدر شاهاڻي، ڊيموڪريٽ اڳواڻ امان الله شيخ، ناميارو ليکڪ ۽ راڳي بيدل مسرور بدوي،ڪلاسيڪل راڳي حنيف ميمڻ، اصغر باغي، ليکڪا زهرا شيخ، سعيده گوپانگ سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.تقريب جي شروعات ۾ ادريس چانڊيو، الطاف ميمڻ، ولي ناريجو، احمد خشڪ، قادر سومرو، آزاد گهلو، بختاور چانڊيو، شفقت پيرزادو ۽ شهباز شر سميت ٻين شخصيتن سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ باقاعده شموليت اختيار ڪئي، جن کان ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي حلف ورتو. ان موقعي تي نامياري ليکڪ خليل چانڊيو جي ڪتاب “سنڌو مت” جي مهورت پڻ ڪئي وئي.تقريب کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ هن وقت چوکنڀي يرغمال بڻيل آهي، سياسي طور سنڌين کي غلام ۽ ناڪارا بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جيستائين اسان پيرپرستي ۽ سرداري نظام ۾ ڦاٿل رهنداسين، تيستائين اسان جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل روشن نه ٿي سگهندو.هن وڌيڪ چيو ته سنڌين جي حقيقي طاقت اڃا تائين سياست ۾ منتقل نه ٿي سگهي آهي ۽ اسان جا رستا سردارن ۽ پيرن بند ڪري ڇڏيا آهن.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪجهه قوتون سنڌ کي ڪراچي کان ڌار ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيون آهن، پر سنڌ ڇهه ڪروڙ سنڌين جو مادرِ وطن آهي ۽ اهڙيون سازشون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ