پیر، 19 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ مھانگائي ۽ غربت پيرسن پنھنجي زال جي علاج لاءِ پريشان

سنڌي خبرون 11th Sep 2023 97 مناظر

دڙي واسي پيرسن وسايو ملاح غربت سبب بيمار زال کي ريڙھي تي کڻي گھٽين ۽ بازارن جا چڪر لڳائڻ تي مجبور

سجاول (گلشيرميربحر) وڌندڙ مهانگائي غريبن جي زندگي اجيرن بڻائي ڇڏي آهي سجاول جي نواحي شھر دڙي ۾ غريب خاندان لاچاري جي تصوير بڻجي ويو ، پنهنجي بيمار زال جي زندگي بچائڻ لاءِ روزاني ڪم ڪندڙ مزدور وسايو ملاح پنهنجي بيمار زال جي زندگي بچائڻ لا ريڙھي تي کڻي روڊ تي نڪري آيو گهٽين ۽ بازارن ۾ علاج لاءِ روئي رهيو آهي، هن چيو ته سندس زال معدي جي بيماري ۾ مبتلا آهي، علاج لاءِ مون وٽ پئسا ناهن، مان ڪم ڪريان ٿو، گهر ۾ جيڪو هو سو پنهنجي زال جي علاج تي خرچ ڪري ڇڏيان. هاڻي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي،معصوم ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجنور آھن، ھن مخير حضرات ۽ وس واران کي سندس علاج ۾ مدد جي اپيل ڪري ڇڏي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ