ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻن جي پارٽي اڳواڻ خير محمد مگسي سان ملاقات

سنڌي خبرون 05th Jun 2026 350 مناظر
ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻن جي پارٽي اڳواڻ خير محمد مگسي سان ملاقات
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي مرڪزي اڳواڻن پاران ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري خير محمد مگسي سان سندس رهائشگاهه گلشن حديد ۾ ملاقات ڪئي وئي ملاقات ان وقت ٿي جڏهن خير محمد مگسي جي تازو آپريشن کان پوءِ سندس عيادت ۽ خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن سندس گهر پهتا وفد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، ڊويزنل صدر قادر چني، اعجاز سامٽيو، رشيد سڌايو، ولي ناريجو، قادر سومرو ۽ خليل احمد گاڏهي شامل هئا ان موقعي تي اڳواڻن خير محمد مگسي جي طبيعت بابت تفصيلي حال احوال ورتو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو۔پارٽي اڳواڻن دعا گهري ته رب پاڪ خير محمد مگسي کي مڪمل صحت عطا فرمائي ۽ هو جلد پنهنجي سياسي ۽ تنظيمي سرگرمين ڏانهن موٽي اچي ملاقات دوران پارٽي جي تنظيمي معاملن ڪراچي ڊويزن جي سرگرمين ۽ ايندڙ سياسي حڪمت عملي بابت به مختصر خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آخر ۾ وفد خير محمد مگسي جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ