منگل، 20 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽي ۾ تيل ۽ ايل پي جي جي اگھن ۾ واڌ ۽ مھانگائي خلاف رڪشا ڊرائيورن جو احتجاج

سنڌي خبرون 20th Oct 2026 3 مناظر
ٺٽي ۾ تيل ۽ ايل پي جي جي اگھن ۾ واڌ ۽ مھانگائي خلاف رڪشا ڊرائيورن جو احتجاج
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ٺٽي ۾ تيل جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي بعد رھيل ڪسر LPG گئس جي ھٿرادو دڪاندارن پاران وڌايل اگھن پوري ڪري ڇڏي، رڪشہ ڊرائيورن جو ٺٽي ۾ رڪشہ بيھاري سخت احتجاج، فورن گئس جا وڌايل ھٿرادو اگھ گھٽائي رڪشہ ڊرائيورن پاران کين وڌيڪ پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي اھي، ان سلسلي ۾ رڪشہ ايسوسيئشن ضلعي ٺٽي پاران رڪشہ ڊرائيورن پاران پنھنجا رڪشہ کڻي ٺٽي شھر جي مين اسٽاپ تي بيھاري اوچتو ٺٽي جي دڪاندارن پاران LPG گئس جا ھڪ ڏينھن اندر 130 روپيہ في ڪلو گئس تي ھٿرادو اضافو ڪرڻ خلاف ھڪ احتجاجي رڪشہ ايسوسيئشن ضلعي ٺٽي جي صدر غلام حسين عرف غلان چانگ، محمد حنيف مينگل، خليفو محمد علي شيخ، لياقت ناريجو، منير احمد ھالو جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪندي چيو تہ ملڪ ۾ اڳ ئي تيل جي روزانو وڌندڙ قيمتن سبب مھنگامي ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آھي، پر ٺٽي ۾ LPG گئس وڪرو ڪندڙ دڪانداتن ھٿرادو ھڪ ڏينھن اندر 440 روپيہ في ڪلو گئس کي وڌائي 570 روپيہ في ڪلو ڪري ھڪ ڪلو تي 130 روپيہ وڌائي ڇڏيا آھن، جيڪو بار رڪشہ ڊرائيور برداشت نٿا ڪري سگھن، ھنن چيو تہ ھو ٺٽي کان مڪلي سواري کڻي وڃن ٿا تہ واپسي ۾ خالي اچڻو پوي ٿو، جنھن ڪري ھن مھنگائي جي دور ۾ گذر ڪرڻ بہ مشڪل بڻجي ويو آھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن ھترادو LPG گئس ج اگھ وڌائيندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري کين سرڪاري اگھ 440 روپيہ في ڪلو گئس ڏنو وڃي، جيئن ھو روزگار ڪري پنھنجي ٻچڻ جو پيٽ پالڻ سميت رڪشن جي تاريخ بہ ڀري سگھن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ