ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

ڀيڻ تانيا جي قتل بعد ھڪ بھ پل سُک جو ساھھ نھ کنيو، قاتل کي ڦاھي چاڙھڻ تائين جدوجھد جاري رھندي: دعا خاصخيلي

سنڌي خبرون 23rd Nov 2023 314 مناظر

ڀيڻ تانيا جي قتل بعد ھڪ بھ پل سُک جو ساھھ نھ کنيو، قاتل کي ڦاھي چاڙھڻ تائين جدوجھد جاري رھندي: دعا خاصخيلي

حيدرآباد (بيورو) جھانگارا ۾ بيڏوھي قتل ٿيل تانيا خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي چيو آھي تھ ڀيڻ جي قتل کانپوءِ ھن وقت تائين سک جو ساھھ ناھي کنيو، ڇھھ سال عدالتن جا چڪر ڪاٽڻ بعد بھ قتل ڪيس جي ھڪ جوابدار کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي تھ ٻي کي بري ۽ ٽئين کي روپوش قرار ڏنو ويو، جھڙي نموني ڀيڻ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ان ۾ تھ جوابدارن کي ڦاھي جي سزا ملڻ کپي ھا، دعا خاصخيلي چيو تھ انصاف لاءِ ھن ڊگھي جاکوڙ دوران اسان جي امڙ اسان کان وڇڙي وئي، پنھنجو گھر ڇڏڻو پيو، تعليم ختم ٿي وئي، عدالت جي اڻپوري انصاف لاءِ اسان ھاءِ ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آھي، اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي، ان سموري وقت ۾ ڪنھن بھ چونڊيل نمائندي انصاف جي خاطري نھ ڪرائي، ھن واقعي تي سنڌ جي عوام ھميشھ اسان جي لاءِ آواز اٿاريو ان تي آئون سنڌ جي سمورن ڀائرن ۽ ڀينرن جي ٿورائتي آھيان.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ