ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

مورو پوليس وظيفي مان ڪٽوتي تي 4 ڊوائيس هولڊرن کي گرفتار ڪري ورتو

سنڌي خبرون 09th Jan 2025 202 مناظر
مورو پوليس وظيفي مان ڪٽوتي تي 4 ڊوائيس هولڊرن کي گرفتار ڪري ورتو

وظيفي مان ڪٽوتي تي سرور سيال، عرفان سيال، حميد ڀٽو ۽ اسد کوکر گرفتار

مورو(رپورٽر) مورو پوليس جي ڪارروائي مستحق عورتن جا پئسا ڪٽوتي ڪندڙ 4 ڊوائز ھولڊر سوگھا، ڪٽوتي ڪيل پئسا برآمد، ڊوائز پڻ ھٿ ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او مورو مجيب الرحمان ناريجو ٻڌايو تہ اسان کي مستحق عورتن پاران شڪايتون ڪيون جنھن تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ڪٽوتي ڪندڙ چئن ڊوائز ھولڊرن کي سوگھو ڪيو ويو آھي جن وٽان ڪٽوتي رقم پڻ برآمد ڪئي وئي آھي ھن ٻڌايو تہ گرفتار ڊوائز ھولڊرن ۾ سرور سيال، عرفان سيال، عبدالحميد ڀٽو، اسدالله کوکر شامل آھن جن مٿان مورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ ھنن وٽان 2 ڊوائز، ھڪ لک 43 ھزار 5 سئو رپيا ڪيش پڻ برآمد ڪئي وئي وڌيڪ ملوثن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي غريب مسڪين مستحق عورتن جي پئسن جي ڪٽوتي ڪنھن کي ڪرڻ نه ڏني ويندي ۽ جيڪو ملوث ھوندو کي قانون جي گرفت ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏياري ويندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ