پیر، 19 اکتوبر 2026
بریکنگ

پ ٽ الف جي سڏ تي استادن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا

سنڌي خبرون 19th Oct 2026 2 مناظر
پ ٽ الف جي سڏ تي استادن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا

لاڙڪاڻو، ملير، قمبر، نوابشاهه، نوشهروفيروز، ٺٽو، دادو، ڪنڌڪوٽ، خيرپور، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي(رپورٽرز وٽان) پ ٽ الف جي سڏ تي استادن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا، لاڙڪاڻو، ملير، قمبر، نوابشاهه، نوشهروفيروز، ٺٽو، دادو، ڪنڌڪوٽ، خيرپور، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، پرائمري ٽيچرس ايسو سي ايشن ڪراچي ڊويزن جي صدر سائين انور بلوچ، نائب صدر صلاح الدين، ضلعي ملير جي سينيئر نائب صدر سلمان احمد، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري زبيرڀٽو، بن قاسم ٽائون جي صدر اڪبر بلوچ ۽ ملير ٽائون جي صدر سعيد صديقي گل رانا اسڪول، آسون ڳوٺ ملير ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي استادن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ، گروپ انشورنس جي ادائيگي، ٽائيم اسڪيل ۽ پينشن جي سهولت برقرار رکڻ، ملازمن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ سروس اسٽرڪچر بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سرڪاري ملازم ڪنهن به اداري جي ڪارڪردگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، تنهنڪري سندن جائز حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ کين بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ملازم پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو سرڪاري ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي گذارين ٿا، ان ڪري سندن محنت، خدمتن ۽ قربانين جو اعتراف ڪندي کين جائز حق ڏنا وڃن.اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ملازمن جي گروپ انشورنس جي ادائيگيءَ واري معاملي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، ٽائيم اسڪيل جي سهولت يقيني بڻائي وڃي ۽ پينشن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي، جيئن ملازمن کي پنهنجي سڄي سروس دوران ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ مالي پريشانين کي منهن نه ڏيڻو پوي.هنن وڌيڪ چيو ته سرڪاري ملازمن لاءِ واضح ۽ منصفاڻو سروس اسٽرڪچر ضروري آهي، جنهن تحت کين ترقيءَ جا موقعا، سروس جي ضابطن موجب سهولتون ۽ جائز مراعتون ملي سگهن. سروس اسٽرڪچر جي بحالي ملازمن جي حقن جي تحفظ سان گڏ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ به اهم آهي.پريس ڪانفرنس ۾ ملازمن جي تحفظ واري معاملي تي به زور ڏيندي اڳواڻن چيو ته ملازمن کي پنهنجون ذميواريون بنا ڪنهن دٻاءَ ۽ خوف جي ادا ڪرڻ لاءِ مناسب تحفظ فراهم ڪيو وڃي. حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته ملازمن جي مسئلن جو سنجيدگيءَ سان نوٽيس وٺي، سندن جائز مطالبن تي عملي قدم کڻن ۽ مسئلن جي حل لاءِ واضح حڪمت عملي جوڙي وڃي.اڳواڻن حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گروپ انشورنس، ٽائيم اسڪيل، پينشن، ملازمن جي تحفظ ۽ سروس اسٽرڪچر جي بحاليءَ بابت مطالبن تي جلد عمل ڪيو وڃي، جيئن ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ٿي سگهي ۽ کين پنهنجا فرض بهتر نموني ادا ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول ملي سگهي. ٻئي طرف نوشهروفيروز ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي ضلعي صدر پير مظهر، معشوق علي وڳڻ، افتخار مورو ، حيدر علي مڱڻهار ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن حقن جي حاصلات لاءِ نعري بازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته اسان جائز جائز مطالبا آهن جن ۾ سروس اسٽريڪچر ، سن ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ ۽ پينشن جا مسئلا حل ڪيا وڃن جيڪي سرڪار حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن سبب استادن جي ذهنن ۾ بيچيني پکڙيل آهي هنن چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون پر سنڌ حڪومت ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جيڪا پرائمري استادن سان ناانصافي آهي هنن مطالبو ڪيو ته جائز مسئلا حل ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي ھوڏانھن آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن (پ ٽ الف) جي سڏ تي پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو سٽي، تعلقه ۽ ضلعي عمرڪوٽ جي استادن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج ۾ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجن جائز مطالبن جي حق ۾ آواز بلند ڪيو، ان موقعي تي قائم سميجو، نظير احمد ماويا، اعجاز آريسر، ذولفقار ڌونڪائي، گهنشام ميگهواڙ، رتن سنگهه سوڍو، گوتم بجير، مگھن مھر، خادم آرائين، چندن مالهي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ جي پرائمري استادن کي اصل تاريخِ مقرري کان ريگيولر ڪري سروس اسٽرڪچر ڏنو وڃي ۽ استادن جا سمورا جائز مسئلا ترت حل ڪيا وڃن، هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي مان پاس ٿيل استادن لاءِ اٺن سالن وارو ڪانٽريڪٽ قبول نه آهي، جڏهن ته پراڻو سپروائيزري نظام بحال ڪيو وڃي، پي ايس ٽي کان ايڇ ايس ٽي تائين بي ايڊ جي بنياد تي پروموشن ڏني وڃي، جڏهن ته اين سي ايڇ ڊي استادن کي هر مهيني باقاعدگي سان پگهارون ادا ڪيون وڃن، اڳواڻن وڌيڪَ مطالبو ڪيو ته سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪري استادن ۽ شاگردن لاءِ بهتر تعليمي ماحول پيدا ڪيو وڃي، هنن خبردار ڪيو ته مطالبن تي سنجيدگي سان عمل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.خيرپور ۾ پ ٽ الف خيرپور جي استادن پاران سروس اسٽرڪچر، پرائمري استادن جي رُڪيل ترقين، بايوميٽرڪ سزائن تي نظرثاني ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ جادو شاهه موڙ کان خيرپور پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.احتجاج جي اڳواڻي استاد لعل محمد جانوري، نصير الله سومرو، محمد شريف بگٽي، ممتاز حسين سولنگي، ثناءُ الله منڱهار ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي استاد اڳواڻن چيو ته گذريل ڪافي عرصي کان استادن جا سروس اسٽرڪچر، پرائمري استادن جون رُڪيل ترقيون ۽ ٻيا جائز مطالبا تسليم ناهن ڪيا ويا، جنهن سبب استادن ۾ بيچيني پکڙيل آهي. هنن چيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ مسلسل احتجاج باوجود تعليم کاتي جون اختياريون مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگيءَ جو مظاهرو نه پيون ڪن. هنن وڌيڪ چيو ته پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو مطالبا تسليم ٿيڻ تائين جاري رهندو. استاد اڳواڻن جو چوڻ هو ته بايوميٽرڪ حاضري واري نظام ۾ فني خرابين سبب استادن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ڪيترائي استاد حاضر هوندي به غير حاضر ظاهر ٿي وڃن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ کين سزائون ڀوڳڻيون پون ٿيون. هنن مطالبو ڪيو ته بايوميٽرڪ نظام ۾ موجود خرابيون ختم ڪري سزائن تي نظرثاني ڪئي وڃي. استادن سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن جائز مسئلن جو فوري نوٽيس وٺي مطالبا تسليم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.قمبر ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاء ضلعي جي مختلف اسڪولن جي سوين استادن مين پرائمري اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيواستاد اڳواڻن حبيب الرحمان ڇڄڙو، عبدالوهاب بروهي،مختيار احمد مغيري،حبدار چانڊيو،غلام مصطفي ڀٽو ۽ ٻين جو چوڻ هيو تہ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھ جي ناانصافين استاد دشمن پاليسن خلاف مطالبن جي مڃتا لاء پ ٽ الف طرفان شروع ڪيل جدوجهد جي ٻئين مرحلي ۾ ضلعي جي استادن احتجاج شروع ڪيو آهي، هٿ وٺي تعليم کي تباھ ڪيو پيو وڃي، بايو ميٽرڪ جي آڙ ۾ استادن کي پريشان ڪري لکين روپيا رشوت ورتي پئي وڃي، تعليم واري وزير سروس اسٽرڪچر ڏيڻ جو واعدو ڪيو جيڪو پورو نہ ٿيو، استادن کي پروموشن نہ ٿا ڏنا وڃن جيڪو اسان جو بنيادي حق آهي، تعليم کاتي طرفان روز نيون پاليسيون جاري ڪندي استادن کي رلايو، هيسايو ۽ پريشان ڪيو پيو وڃي، جائز مطالبن جي مڃتا لاء مرحليوار احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آهي مسئلا حل نہ ڪيا ويا تہ هزارين استاد ڪراچي اچي ڌرڻو هڻنداسين هنن پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو تہ استادن سان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي پريشانين کان بچايو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ