ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

مورو ويجھو عورت جي لاش جي بي حرمتي واري واقعي جا جوابدار گرفتار نھ ٿيڻ خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 24th Jan 2024 110 مناظر

مورو ويجھو عورت جي لاش جي بي حرمتي واري واقعي جا جوابدار گرفتار نھ ٿيڻ خلاف احتجاج

مورو(جاني جماڻي) مورو ويجھو ڳوٺ حاجي عبدالغفور ٻگھيو م ٻہ ھفتہ اڳ پيش ايندڙ انسانيت کي لڄاۂيندڙ واقعي جو ڪو جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ ء پوليس طرفان ڪو قدم نہ کڻڻ واري عمل خلاف متاثر ڳوٺاڻن پاران مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي مرزا ٻگھيو، ديدار ٻگھيو، امير ٻگھيو، علي اڪبر ٻگھيو، حاجي مختيار ٻگھيو، غلام علي ٻگھيو، سڪندر ٻگھيو ء ٻيا ڪري رھيا ھۂا جتي ھنن چيو تہ اسان جي ڳوٺ حاجي عبدالغفور ٻگھيو جي قبرستان پير بخشل مان ٻہ ھفتا اڳ دفن ڪيل ديدار علي ٻگھيو جي گھر واري جو لاش ڪڍي بي حرمتي ڪۂي وۂي جنھن تي پوليس پڻ پھتي ء رپورٽ داخل ڪراۂي وۂي آھي پر ٻہ ھفتا گذرڻ باوجود ھن وقت تاۂين مورو پوليس ڪو قدم ناھي کنيو نہ وري ڪو قدم کڻڻ لاء تيار آھي ھنن چيو تہ اسان مسلسل احتجاج ڪندي دانھون ڪوڪون ڪريون پيا پر ڪو تدارڪ نہ پيو ڪيو وڃي جيڪو افسوسناڪ عمل آھي ھي انسانيت کي لڄاۂيندڙ واقعو آھي جنھن جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ قبر کوٽي لاش جي بي حرمتي ڪرڻ واري عمل جو نوٽيس وٺي اسان ڳوٺاڻن کي انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت م سخت احتجاج ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ