ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، منشيات فروش گرفتار

سنڌي خبرون 17th Jun 2025 264 مناظر
عمرڪوٽ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، منشيات فروش گرفتار
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) سي آءِ اي پوليس عمرڪوٽ منشيات خلاف مهم دوران وڏي ڪاميابي ماڻي آهي، ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي پوليس عمرڪوٽ ڇور روڊ تي هڪ ڄڻي ماجد ولد وليداد مري کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن وٽان 1000 گرام چرس هٿ آيو آھي، پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار ماجد مختلف علائقن ۾ چرس جي وڪري ۾ ملوث هو، سندس خلاف ڇور ٿاڻي تي سنڌ ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪَ جاچ جاري آهي، سي آءِ اي پوليس عمرڪوٽ پاران منشيات فروش خلاف جاري آپريشن کي ضلعي واسين پاران ساراهيو پيو وڃي، عوام مطالبو ڪري رهيو آهي ته اهڙن ڪرتوتن ۾ ملوث ٻين جوابدارن خلاف به بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ