جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ ھڪ رات ۾ چئن دڪانن مان لکين روپين جي چوري

سنڌي خبرون 22nd Nov 2023 91 مناظر

نوشھروفيروز ۾ ھڪ رات ۾ چئن دڪانن مان لکين روپين جي چوري

نوشهروفيروز(ڊر)نوشهروفيروز شهر جو امن امان مڪمل تباھ ڊپٽي ڪمشنر جي رهائشگاھ ڀرسان مورو ويندڙ روڊ تي گذريل رات نامعلوم چورن چئن دوڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپيا رڪ ۽ ٻيو سامان ٻهاري ويا چوري ٿيل دوڪاندارن نعمان مغل جي فرنيچر جو دوڪان شاهد لنڊ جو آئرن اسٽور فيصل مغل جو ٽريڪٽر ورڪشاپ ۽ صدرالدين ڀٽي جو رنگ جو دوڪان شامل آهن اهڙي عمل خلاف دوڪاندارن جو پوليس خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ڦريل دوڪاندارن چيو ته ڪا اها رات خالي ناهي جو چوريون ڦرون ڌاڙا نه لڳندا هجن پر پوليس اگهور ننڊ ستل آهي جڏهن ته پورو ضلعو ڏوهارين جي حوالي ٿي ويو آهي پر افسوس جو ايس ايس پي عابد بلوچ ڊي ايس پي عبداللّه لاکير ۽ ايس ايڇ او عبدالخاق شاھ مال ميڙڻ ۾ مصروف آهن هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪندي چيو ته راشي پوليس عملدار فوري هٽائي ضلعي ۾ ايماندار آفيسر مقرر ڪري اسان شهر واسي ڪاروباري ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ