ہفتہ، 07 نومبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ امن بحال نھ ٿيو، ڪرياني جي دڪان مان لکين روپين جي چوري

سنڌي خبرون 02nd Oct 2023 113 مناظر

اڻڄاتل چور دڪان مان 15 لک روپيا روڪ ۽ ٻيو سامان کڻي ويا آھن: زبير ميمڻ

سجاول (رپورٽر) سجاول ضلعي ۾ بدامني جو راج برقرار ، شهر بدامني جي ور چڙھي ويو شھري غير محفوظ بڻيل ، سجاول قاسمي فلنگ اسٽيشن جي سامهون واقع ڪريانا مرجنٽ هول سيل جي دڪان تي ڦر جي واردات ۾ اڻڄاتل قورو ھول سيل ڪريانا مرچنٽ جي دڪان مالڪ زبير ميمڻ کان صبح سوير 15 لک رپيا روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا. شھرين جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڦر جي وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيڻ لڳو آهي. سجاول ۾ ڦرلٽ جو سلسلو رڪجي نه سگھيو آهي واپاري غير محفوظ ٿي ويا آهن ھنن آئي جي سنڌ , ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول شھلا قريشي کان مطالبو ڪيو ته سجاول جي واپاري کان ڦر ٿيل رقم فوري طور واپس ڪرائي وڃي ۽ وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪرايو وڃي ته جيئين شھري سک جو ساھ کڻي سگهن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ