ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

ميهڙ: غلام سرور چانڊيو جو قتل ڪيس وارثن بدران سرڪار جي مدعيت ۾ داخل

سنڌي خبرون 27th Sep 2023 331 مناظر

پوليس مقتول جي وارثن جي مطالبي باوجود نادر مگسي جو نالو ڪيس ۾ شامل نه ڪيو

ميهڙ ويجهو ٻيٽو جتوئي ۾ 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جو ڪيس سندس وارثن بدران سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو، اي ايس آءِ سيد علي اڪبر شاهه جي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ علي مردان عرف جبل مگسي، سڪندر مگسي ۽ انور مگسي نامزد ڪيو ويو، غلام سرور چانڊيو 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيو هو، سندس غيبي ديري جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي هئي، مقتول جي وارثن اڳوڻي صوبائي وزير نادر مگسي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ لاش رکي ڌرڻو به هنيو هو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ