جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

گمبٽ ويجهو هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ هڪ عورت قتل

سنڌي خبرون 11th Jul 2025 295 مناظر
گمبٽ ويجهو هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ هڪ عورت قتل

اڳڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ مبارڪ ڪلهوڙو ۾ هٿياربندن عبدالرزاق ڪلهوڙو جي گهر تي حملو ڪيو

گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ جي اڳڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ مبارڪ ڪلهوڙو ۾ جوابدارن جو گهر تي حملو فائرنگ سبب هڪ عورت قتل، اڳڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ مبارڪ ڪلهوڙو ۾ جوابدارن عبدالرزاق ڪلهوڙو جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب هڪ عورت سعيده زال عبدالرزاق ڪلهوڙو قتل ٿي وئي اھڙي واقعي جي اطلاع کان پوءِ اڳڙا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جيڪو پوسٽ مارٽم لاءِ گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو آهي اڳڙا پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪلهوڙا برادريء جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زمين جي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ٻئي طرف مقتولا عورت جي مڙس عبدالرزاق ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته ڪلهوڙا برادريء جي نديم ڪلهوڙو جي ڌر جي هٿياربندن گهر تي حملو ڪري سندس زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي .
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ