ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

رپڙي ڀرسان پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙي دوران 2 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

سنڌي خبرون 29th Jun 2026 236 مناظر
رپڙي ڀرسان پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙي دوران 2 ڄڻا قتل، هڪ زخمي
رپڙي (رپورٽر) رپڙي ڀرسان ڦُلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪورائي ڪچي واري علائقي ۾ ڪورائي برداري جي اڪبر ڪورائي ۽ سرور ڪورائي واري ڌر ۾ مبينا ڏيتي ليٽي جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو ته اڪبر واري ڌر ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب سرور جو ڀاءُ روشن علي ڪورائي ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته سندس پٽ محمد صديق ڄنگھ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو ۽ سرور ڪورائي جو ڀاڻيجو محمد علي عرف ڪراڙو ڪورائي مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيومقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، ھوڏانھن واقعي سبب علائقي ۾ سخت خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي ،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ