ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

ڏوڪري ڀرسان نوجوان مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 29th Jun 2025 250 مناظر
ڏوڪري ڀرسان نوجوان مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ وقار علي چنو جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش مليو

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن واسي 25 سالن جو شادي شده نوجوان وقار علي چنو پنهنجي گهر اندر پکي ۾ رسو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي،اهڙو اطلاع سيهڙ پوليس کي ڏنو ويو،پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو ٽنگيل پکي مان لاش هيٺ لهرايو،هوڏانهن خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي وارثن جو چوڻ ھو ته نوجوان غربت جون دانهون به ڪندو هيو.فوتي کي چار ٻار به هيا.وارثن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته فوتي نوجوان نشي جو به گهڻو عادي هيو.جنهنڪري هن گهر اندر ڇت واري پکي ۾ رسو وجهي آپگهات ڪيو آھي.هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان جي خودڪشي بابت جيئن اطلاع مليو ته اسان بروقت پهچي لاش پکي مان ٽنگيل لهرايو،پوليس وڌيڪ چيو ته وارثن موجب ته نوجوان نشي جو به عادي هيو ۽ غربت سبب نوجوان خودڪشي ڪئي آھي.هوڏانهن فوتي نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ