اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

گڏاپ: يوسي چيئرمين پاران ايڇ ڊي ايف پرائمري اسڪول ۾ درسي ڪتاب تقسيم

سنڌي خبرون 12th Sep 2023 423 مناظر

يوسي شاھھ مريد جي چيئرمين شاھجھان خاصخيلي پاران سرڪاري ڪتاب ورھايا ويا

گڏاپ (رپورٽر )گڏاپ يوسي شاھ مريد جي چيئرمين شاھجان خاصخيلي ايڇ ڊي ايف پرائمري اسڪول ۾ تعليم کاتي حڪومت سنڌ جي طرفان ڏنل ڪتاب تقسيم ڪيا. تفصيل موجب گڏاپ جي علائقي خير محمد بروھي ڳوٺ ايڇ ڊي ايف پرائمري اسڪول جي شاگردن ۾ يوسي شاھ مريد جي چيئرمين شاھجان خاصخيلي. معززين محبوب علي جوکيو. مولا بخش بروھي ۽ ٻين سنڌ حڪومت طرفان مليل ڪتاب. پينسلون ٻارڙن ۾ تقسيم ڪيون. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شاھجان خاصخيلي چيو ته يوسي شاھ مريد ۾ بند پيل اسڪول کولرايا ويا آهن. ھر اسڪول ۾ پھچي وزٽ ڪري استادن کي مقرر ڪرائڻ ۽ اسڪول ۾ سھولتون مھيا ڪرڻ لاء ڪوششون ڪري رھيا آھيون. ھن وقت ڪتاب مھانگا ٿي ويا آهن جيڪي ھر ھڪ ماڻهو جي وٺڻ کان چوٽ چڙھيل آهن جنهن سبب اڪثر ٻھراڙين ۾ مسڪين ماڻهو پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياري نٿا سگھن. يوسي شاھ مريد جي اسڪولن ۾ تعليم کي عام ڪيو ويندو ۽ ھر هڪ ٻار کي تعليم جي روشني سان جرڪايو ويندو، سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي وڌ ۾ وڌ داخلا ڪرائڻ لاء مهم هلائي رھيا آھيون. استادن سان گڏ والدين جي به ذميواري آھي ته ٻارن کي بهتر تعليم سان گڏ بهترتربيت به ڪن ۽ وڌ کان وڌ سرڪاري اسڪولن ۾ پنھنجي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن. جيئن ٻار تعليم ذريعي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. ھن چيو ته سنڌ گورنمنٽ ۽ EDO ايجوڪيشن ملير. ٽي او گڏاپ جا ٿوارائتا آھيون جن گڏاپ جي شاھ مريد يوسي جي اسڪولن ۾ معصوم ٻارن کي مفت ڪتاب ڏئي سندن چھرن تي خوشي آندي آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ