ہفتہ، 07 نومبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ: ٻن سڳن ڀائرن جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٻه جوابدار گرفتار، وارثن پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان

سنڌي خبرون 16th Oct 2026 94 مناظر
عمرڪوٽ: ٻن سڳن ڀائرن جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٻه جوابدار گرفتار، وارثن پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان
عمرڪوٽ ( ڊ ، ر ) صوفي فقير پوليس ٻن سڳن ڀائرن وليداد مري ۽ مولا بخش مري جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن گل خان شر ۽ خيرو شر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ٻن جوابدارن جي گرفتاريءَ جي اطلاع ملڻ بعد مقتولن جي وارثن ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته گذريل ڏينهن عدالت ۾ پيشيءَ بعد ڳوٺ واپس ويندي ميرپورخاص روڊ تي صوفي فقير ڀرسان اڻڄاتل ڪار سوارن فائرنگ ڪري مري برادريءَ جي ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو هو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ