بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف ملير جو عوام روڊن تي نڪري آيو، ڪي اليڪٽرڪ بن قاسم آفيس ٻاهران احتجاجي ڌرڻو
بجلي بحال نه ٿيڻ جي صورت ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻي جو اعلان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي مختلف ڳوٺن ۾ بجلي جي ڊگهي بندش خلاف سوين رهواسين ڪي اليڪٽرڪ بن قاسم آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج جي اڳواڻي يوسي چوڪنڊي جي چيئرمين عبدالرشيد پنھور، ڪائونسلر صلاح الدين عارفاڻي، مشتاق کوسو، اجمل ڪلمتي، پپو مڪوانا ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته حسن پنھور ڳوٺ، رزاق آباد، شفيع ڳوٺ، يوسف عارفاڻي ڳوٺ، شاهه لطيف ٽائون، عارب پنھور ڳوٺ، اسماعيل جوکيو ڳوٺ، دائود شورو ڳوٺ، لاشاري ڳوٺ، موسيٰ ڳوٺ ۽ ٻين علائقن جا رهواسي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا.مظاهرين ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته علائقن ۾ 24 ڪلاڪن دوران رڳو هڪ، ٻن ڪلاڪن لاءِ بجلي فراهم ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب سخت گرمي ۾ عورتون، ٻار، بزرگ ۽ بيمار ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. بجلي جي مسلسل بندش سبب پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، ڪاروبار، شاگردن جي پڙهائي ۽ روزمرهه جا ضروري ڪم پڻ متاثر ٿي رهيا آهن.ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملير جي ڳوٺن ۾ بجلي جي فراهمي بابت رهواسين کي مسلسل ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جيڪڏهن ٽيڪنيڪل فالٽ يا بجلي چوري جو ڪو مسئلو آهي ته ان کي مخصوص علائقن تائين محدود رکي حل ڪيو وڃي، سمورن رهواسين کي اجتماعي سزا ڏيڻ بدران بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.هنن مطالبو ڪيو ته غيراعلانيه لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻي بجلي جي فراهمي جو واضح شيڊول جاري ڪيو وڃي، جڏهن ته بجلي جي چوري ۽ غيرقانوني ڪنيڪشنن جي شڪايتن جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.احتجاج دوران ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جي عملدارن اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين يقين ڏياريو ته ڪيبل ۾ پيدا ٿيل فالٽ کي جلد ختم ڪري ڄاڻايل علائقن ۾ بجلي جي فراهمي بحال ڪئي ويندي. انتظاميا جي خاطري کانپوءِ احتجاج ڪندڙن پنهنجو ڌرڻو ختم ڪيو.احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انتظاميا جي خاطري باوجود ڄاڻايل علائقن ۾ بجلي بحال نه ڪئي وئي ته ٻيهر احتجاج جو دائرو وڌائيندي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو