جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ لاءِ احتجاج

سنڌي خبرون 28th Apr 2026 354 مناظر
سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ لاءِ احتجاج
سجاول (رپورٽر) چڪ نمبر 4 جي رهواسي پريمي جوڙو، هوا ملاح ۽ سندس مڙس سليمان ملاح، سجاول پريس ڪلب پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هنن پنهنجي رضا خوشي سان ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آهي. جوڙي موجب نڪاح کانپوءِ هوا ملاح جا مائٽ، اسلم ملاح، اسماعيل ملاح ۽ علي مراد ملاح، سندن جان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ کين مسلسل ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته کين جاني نقصان جو سخت خطرو آهي.هوا ملاح ۽ سليمان ملاح اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ سندن زندگين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قانوني قدم کنيا وڃن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ