ڪراچي اوڀر پريس ڪلب جي عھديدار ممتاز شيخ جو والد لاڏاڻو ڪري ويو
ڪراچي اوڀر پريس ڪلب جي عھديدار ممتاز شيخ جو والد لاڏاڻو ڪري ويو
ڪراچي (رپورٽر) روزاني عوامي آواز گڏاپ جي رپورٽر ۽ ڪراچي اوڀر پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ممتاز شيخ جو والد ڀنڀو خان شيخ ڪراچي ۾ 60 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي مڙهه کي بخشاپور ويجهو اباڻي ڳوٺ محمد عمر شيخ ۾ آلين اکين سان مٽي ما ٔ حوالي ڪيو ويو سندس جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن صحافين علائقي جي معزز ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي نوجوان صحافي ممتاز شيخ جي والد جي لاڏاڻي تي ڪراچي جي سياسي سماجي اڳواڻن صحافين گهري غم ۽ ڏک جو اظهار ڪيو سينيئر صحافي بالاچ شاهاڻي شفقت نوناري علي محمد ڀٽو غوث ٻگهيو نزير راڄپر اسلم شاهاڻي سعيد احمد ڀٽو آصف علي شاھاڻي الهداد شاهاڻي جلال الدين شاهاڻي اعجاز چانڊيو دلدار سيلرو پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي نائب صدر غلام سرور تنيو ايس اين پي جي وقتي چيئرمين رمضان بليدي ۽ ٻين ممتاز شيخ سان سندس بابا جي لاڏاڻي ڏک ونڊيو ٻئي پاسي ڪراچي اوڀر پريس ڪلب پاران ممتاز شيخ جي والد جي لاڏاڻي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو