اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

شھدادپور ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڀائرن جا لاش ڊي ايس پي آفيس آڏو رکي ڌرڻو

سنڌي خبرون 23rd Feb 2024 340 مناظر

شھدادپور ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڀائرن جا لاش ڊي ايس پي آفيس آڏو رکي ڌرڻو

شھدادپور ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڀائرن غلام شبير زرداري ۽ مراد علي زرداري کي قتل ڪرڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتولن جي وارثن پاران شھدادپور ٿاڻي ۽ ڊي ايس پي آفيس آڏو ٻئي لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ، پوليس خلاف سخت نعريبازي، مظاهرين پاران ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو، مقتولن جي وارثن جو چوڻ ھو تھ آصف ٽالپر، علي نواز ٽالپر، گل محمد عرف ڪماني ٽالپر، سُڪالو ٽالپر ۽ 2 اڻڄاتل جوابدارن گوليون هڻي ڀائرن کي قتل ڪيو، مقامي پوليس جوابدارن جي ونگار وهي رهي آهي، 2 قتل ٿيڻ باوجود پوليس ڪا ڪاروائي ناهي ڪئي، پڪيٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪار ستار نظاماڻي مخبري ڪئي جڏهن ته خون لوڙھڻ لاءِ مقامي پوليس ڳري رشوت ورتي آهي، 2 سڳا ڀائر قتل ٿيڻ باوجود ايس ايس پي سانگهڙ، ڊي ايس پي شھدادپور توڙي مقامي پوليس ڳالهين لاءِ نه پهتي آهي آءِ جي سنڌ سميت پوليس اختياريون ٻن قتل واقعي جو نوٽيس وٺن ۽ قتل ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جوابدار گرفتار ٿيڻ تائين لاش نه کڻنداسين، مڙھ ڊي ايس پي آفيس آڏو رکيل جڏهن ته پوليس ٿاڻي جا مک گيٽ بند ڪري ڇڏيا،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ