پ پ واحد پارٽي آهي جنهن سنڌ ۾ عوام کي علاج جي مفت سهولت ڏني: ڊاڪٽر شهناز سولنگي
ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي وفاق ۾ ڪاميابي ماڻي پوري ملڪ جي عوام جي خدمت ڪندي
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جنهن جي سنڌ ۾ حڪومت ۾ عوام کي علاج جي سهولت مفت مهيا ڪيل آهي جڏهن ته اسلام آباد جي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج به پيسا ڏئي ڪرائڻو پوندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي اطلات سيڪريٽري ڊاڪٽر شهناز سولنگي ميرپورخاص ۾ پيپلز پارٽي جي هاري ڪميٽي سٽي پاران سندس عزاز ۾ رکيل عيد ملن پارٽي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته غريب عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون صرف ۽ صرف پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ مليون آهن. ڇو جو پيپلز پارٽي اها واحد پارٽي آهي جنهن جي قيادت ملڪ ۽ قوم لاءِ قربانيون ڏنيو شهادتون ماڻهيون آهن ٻئي اهڙي ڪابه سياسي پارٽي نه آهي جنهن ايتريون شهادتون ڏنيو هجن. پيپلز پارٽي جا چيئرمين بلاول ڀٽو عوام جو درد رکن ٿا ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي وفاق ۾ پڻ ڪاميابي ماڻي پوري ملڪ جي عوام جي خدمت ڪندي. ان موقع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري مير حسن دهوڪائي ، انفارميشن سيڪريٽري عبدالسلام ميمڻ، ليڊيز ونگ جي نائب صدر نصرت مياڻو پيپلز پارٽي هاري ڪميٽي جي ڊويزنل صدر امتياز علي پلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.