اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

خيرپور صحافي اتحاد پاران خانپور جي سينئر صحافي عظيم سيال جي اغوا جي مذمت

سنڌي خبرون 27th Sep 2026 3 مناظر
خيرپور صحافي اتحاد پاران خانپور جي سينئر صحافي عظيم سيال جي اغوا جي مذمت
صحافي عظيم سيال جو اغوا سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي سواليا نشان آهي: غلام حسين چانگ جيڪڏهن صحافي عظيم سيال کي فوري طور بازياب نه ڪرايو ويو ته خيرپور صحافي اتحاد پاران احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي هڱورجا(رپوٽر)خانپور جي سينئر صحافي عظيم سيال جي اغوا واري واقعي خلاف خيرپور صحافي اتحاد پاران سخت احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي. اھڙو اعلان خيرپور صحافي اتحاد جي چيئرمين غلام حسين چانگ شمن راڄپر ھنڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته صحافي جو اغوا سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي سواليا نشان آهي.اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن صحافي عظيم سيال کي فوري طور بازياب نه ڪرايو ويو ته خيرپور صحافي اتحاد پاران احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، جيڪا صحافي جي بازيابي تائين جاري رهندي.هنن وزيراعليٰ سنڌ، گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته عظيم سيال کي فوري بازياب ڪرائي صحافي برادري ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ