ميهڙ جي عدالت ۾ پراڻي تڪرار تان 2 ڀائر سئوٽ سميت قتل
کونهارو ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جوابدارن ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد گرفتاري ڏئي ڇڏي
ميهڙ جي عدالت اندر جوابدارن جي فائرنگ ۾ 2 ڀائر سئوٽ سميت مارجي ويا، جوابدارن جي فائرنگ ۾ حاضري تي آندل خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ ڇوڙ قمبر واسي زاهد، سندس ڀاءُ محبوب ۽ سئوٽ ستار کونهارو مارجي ويا، فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار مظهر زنئور زخمي ٿي پيو، فائرنگ سبب وڪيلن ۽ عدالتي عملي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، واقعي بعد جوابدارن اشرف، ضمير ۽ ستار کونهارو گرفتاري ڏئي ڇڏي، سندن چوڻ آهي ته 2020 ۾ زمين جي تڪرار تان حاجي نظير ۽ مختيار کونهارو کي قتل ڪيو ويو هو جنهن جي پلاند ۾ اڄ ٽن ڄڻن کي قتل ڪيو آهي.