اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽي ۾ گهارو واسي ڳوٺاڻي جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 25th Jun 2025 160 مناظر
ٺٽي ۾ گهارو واسي ڳوٺاڻي جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

جعفر ڳوٺ ۾ 8 ايڪڙ زمين 30سالن لاءِ ليز تي ورتي هئي: محمد ايوب خانيو

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)گھارو شھر جي خانيو محلي جي رھواسي محمد ايوب خانيو عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ منھنجي ذاتي زمين، جيڪا گھارو شھر ۾ پمپ ھائوس ڪالوني لڳ جعفر ڳوٺ ۾ 8 ايڪڙن تي مشتمل آھي، جيڪا مون 30 سالن جي ليز تي حاصل ڪئي آھي، جنھن جا اصل قانوني دستاويز بہ موجود آھن. ھن الزام ھڻندي چيو تہ ڪجھ مهينا اڳ گھارو جي بااثر لينڊ گريبر عالم شير ھديو غيرقانوني طور منھنجي زمين تي زوري زبردستي قبضو ڪري اتي غيرقانوني پلاٽنگ شروع ڪري ڇڏي آھي، جيڪو عمل مون سان وڏي ناانصافي آھي. محمد ايوب خانيو جو چوڻ ھو تہ آئون غريب آھيان ۽ بلڊر مافيا طاقت جي زور تي نه صرف زمين تي قبضو ڪيو آھي، پر منھنجو اڏيل گھر به ڊاھي ڇڏيو آھي، جيڪو مونسان سراسر ظلم ۽ انساني حقن جي پڻ سنگين ڀڃڪڙي آھي. ھن ڊي سي ٺٽو، اسسٽنٽ ڪمشنر ساڪرو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان پرزور مطالبو ڪيو تہ فوري نوٽيس وٺي عالم شير ھديو جو غيرقانوني قبضو ختم ڪرائي، غيرقانوني طور ٿيندڙ پلاٽنگ جو سلسلو بند ڪرايو وڃي. ايوب خانيو عوام کي پڻ خبردار ڪندي چيو تہ ھي زمين منھنجي ذاتي ملڪيت آھي، ان ڪري جيڪڏھن ڪنھن فرد ڪو پلاٽ ورتو تہ اھو مڪمل طور غيرقانوني ھوندو، جنھن جي قانوني ذميواري خريد ڪندڙ تي پوندي. هن چيو ته عوام سازشن کان بچي ۽ غيرقانوني پلاٽنگ جو حصو نه بڻجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ