نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺاڻي کان هٿيارن جي زور تي ڦرلٽ، متاثر جو احتجاج
ڳوٺ لطف پنهور واسي مسعود احمد پنهور پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو
نوشهرو فيروز (ڊ ر) ڳوٺ لطف پنهور جي رهواسي مسعود احمد پنهور پريس ڪلب نوشهرو فيروز آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ شام جي وقت مان موٽرسائيڪل تي شهر کان ڳوٺ وڃي رهيو هئس ته ڳوٺ ويجهو رستي تي اڳيان ٽي ڦورو هٿيارن سميت بيٺا هئا جن هٿيارن جي زور تي مونکان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ سان گڏ 25 هزار روڪ، سوني منڊي، سروس ڪارڊ، اي ٽي ايم ڪارڊ ڦر ڪري فرار ٿي ويا ان بعد مون نوشهرو فيروز ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر ان باوجود منهنجو تدارڪ نٿو ڪيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مون کي گاڏي روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس نه مليو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.