سنڌو درياهه جي عالمي ڏينهن تي ريلي دوران صحافين تي تشدد، ڪيمرائون ڀڃي ڇڏيون
عوامي پريس ڪلب ملير جو هنگامي اجلاس، ايس ايڇ او شاهه لطيف کي هٽائڻ جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌو درياهه جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ملير جي سڏ تي سنڌو درياهه جي بقا، پاڻي جي حق ۽ سنڌو درياهه سان لاڳاپيل مسئلن، سنڌ جي ورهاڱي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي دوران ملير جي پنجن ٿاڻن جي پوليس شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد علي شاهه جي اڳواڻي ۾عوامي پريس ڪلب ملير تي چڙهائي ڪري صحافين پريس ڪلب جي صدر سيد سجاد علي شاهه، سيد عنايت علي شاھ ۽ مشتاق گبول، سليمان شاھ ٻين تي تشدد ڪيو ۽ ڪيمرائون ٽوڙي ڇڏيون موبائل فون کسي ورتا واقعي کانپوءِ عوامي پريس ڪلب ملير ۽ علائقي جي صحافين ۾ سخت بيچيني پيدا ٿي وئي، جنهن بعد صحافين پاران احتجاج ڪيو ويو ۽ پوليس جي روئي خلاف آواز بلند ڪيو. صحافين جو چوڻ هو ته صحافي ڪنهن سياسي سرگرمي جو حصو نه، پر پنهنجي پيشوراڻي ذميواري تحت ريلي جي ڪوريج ڪري رهيا هئا، تنهن ڪري کين ڪوريج کان روڪڻ يا تشدد جو نشانو بڻائڻ صحافتي آزادي ۽ بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي صحافين مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري طور نوٽيس وٺي غيرجانبدارانه انڪوائري ڪرائي وڃي، واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانون ۽ ضابطي موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ايس ايڇ او شاهه لطيف محمد علي شاهه کي عهدي تان هٽايو وڃي. واقعي جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ عوامي پريس ڪلب ملير جو هنگامي اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صحافين سان تشدد، ڪيمرائن کي نقصان پهچائڻ ۽ صحافتي فرائض ۾ رڪاوٽ وجهڻ واري واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ صحافتي برادري طرفان فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن صحافين سان ٿيل زيادتي جو ازالو نه ڪيو ويو ۽ ذميوار پوليس آفيسر خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته معاملو لاڳاپيل پوليس اختيارين، ضلعي انتظاميا ۽ ٻين فورمن تي اٿاريو ويندو.