رپڙي: شنباڻي ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان ناري سميت 2 ڄڻا قتل
ڳوٺ نور محمد کهڙو ۾ ڌرين ۾ فائرنگ، زينت شنباڻي ۽ ذوالفقار کهڙو مارجي ويا
رپڙي (رپورٽر) رپڙي ويجهو بهارو ٿاڻي جي حد ۾ شنباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان ناري سميت 2 ڄڻا مارجي ويا، ڳوٺ نور محمد کهڙو واسين جو چوڻ آهي ته زمين جي تڪرار تان مخالفن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 35ورهين جي زينت زال نعيم شنباڻي مارجي وئي، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ ذوالفقار کهڙو مارجي ويو.