قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي سياسي جدوجهد جي اڳواڻي ڪندي: اياز لطيف پليجو
عالمي سامراجي طاقتن اسان جي امن ۽ معيشت کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ کي عالمي يتيم خانو بنائي ڇڏيو آھي
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي سياسي جدوجهد جي اڳواڻي ڪندي، سنڌ ۽ پاڪستان کي 75 سالن کان مسلسل تباھ ڪيو پيو وڃي، ماڻهو چنڊ ۽ مريخ تي بيٺا آهن، اسان عيد جو چنڊ ڏسڻ ۾ مصروف آهيون ۽ عورتن تي ظلم ڪري رهيا آهيون. گذريل 20 سالن ۾ سنڌ ۾ هڪ بہ وڏي صنعت قائم نہ ٿي سگهي آهي، سنڌ کي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي سامراجي طاقتن اسان جي امن ۽ معيشت کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ کي عالمي يتيم خانو بنائي ڇڏيو آھي ۽ افغانين سميت سڄي دنيا مان غير قانوني پرڏيھي آڻي انھن کي سنڌ ۾ رھايو ويو،سنڌ پوليس فوري طور افغانين سميت سمورن ڌارين کي گرفتار ڪري واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ غير قانوني پرڏيھي نہ رڳو معاشي طور بار آھن پر انھن مان ڪيترائي ڪراچي، لاھور، پشاور، ڪوئيٽا، پنڊي ۽ ٻين شھرن ۾ ڌماڪن ۽ دھشتگردي ۾ ملوث آھن. اڪثر شھرن ۾ غير قانوني پرڏيھي پنھنجون الڳ ڪالونيون قائم ڪري ويٺل آھن، جتي مقامي پوليس بہ داخل نٿي ٿئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غيرقانوني پرڏيھين سان رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي اقتصاديات کي خطرو ناھي، بلڪہ اھي ھتي لاقانونيت، دھشتگردي ۽ منشيات آڻين ٿا. غير قانوني افغاني اھي اسانجي رواداري، امن، عقل، محبت ۽ سھپ وارين روايتن کي تباھ ڪري مليٽنٽ انتھاپسندي پيدا ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي دنيا ۾ ٻاھران ايندڙ ماڻھن لاءِ الڳ قانون آھي، اھي اتي جي سياست، نوڪرين، وسيلن تي ائين حملي آور ۽ قابض نٿا ٿين جيئن پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ٻاھران ايندڙ پرڏيھي اسان جي ملڪ جي قانون جو ڌڄيون اڏائي رھيا آھن. ڪھڙو شھر آھي جتي منشيات نٿي ملي ۽ غير قانوني ھٿيارن جو ڪاروبار ناھي. سعودي عرب ۾ پاڪستان سميت ڪنھن ٻي مسلمان ملڪ جي ماڻھو کي شھريت، ملڪيت يا مستقل نوڪري حاصل ڪرڻ جي اجازت ناھي. رڳو پاڪستان ۽ سنڌ کي مال غنيمت بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ غير قانوني پرڏيھين کي پھرين بلدياتي ادارن کان رھائشي سرٽيفڪيٽ ڏياريا وڃن ٿا، پوءِ شناختي ڪارڊ اھڙي ريت اھي ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويھي رھن ٿا. انھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي واپس ڪيو وڃي.