اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز بار پاران ڏنل دعوت، ٽوپي ۽ اجرڪ محبت جي علامت آهن: چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت

سنڌي خبرون 08th Jan 2026 289 مناظر
نوشهروفيروز بار پاران ڏنل دعوت، ٽوپي ۽ اجرڪ محبت جي علامت آهن: چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ظفر احمد راجپوت جي نوشهروفيروز آمد

نوشهروفيروز(ڊ ر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ظفر احمد راجپوت نوشهروفيروز پهچي اي ٽي سي (دهشتگردي روڪ) ڪورٽ جي تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ نئين بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن نوشهروفيروز جي صدر محمد اياز مري وڪيلن جا ڪجهه مطالبا پيش ڪيا، جن ۾ ٻي لائبريري ۽ ڪينٽين جي فراهمي شامل هئي. وڪيل ارباب چانڊيو مطالبو ڪيو ته اڳ ۾ هر سال هاءِ ڪورٽ جو جج بار جو دورو ڪندو هو، پر ڪافي سالن کان سالياني وزٽ بند آهي، تنهن ڪري اها روايت ٻيهر بحال ڪئي وڃي، جڏهن ته شهر ۾ مقرر ججن کي ٻين ضلعن ۾ موڪلڻ بابت به ڳالهه ڪئي وئي. سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ عبدالستار لهراني مطالبو ڪيو ته ڀريا، محرابپور ۽ ڪنڊيارو تعلقن لاءِ عدالتي بلڊنگون تعمير ڪرايون وڃن ۽ ڀريا لاءِ ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو وڃي۔ ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته نوشهروفيروز بار پاران ڏنل دعوت، ٽوپي ۽ اجرڪ محبت جي علامت آهن، جنهن تي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو انتهائي محبت ڪندڙ ۽ مهمان نواز آهن. نوشهروفيروز سان سندس رڳو سياسي نه پر پراڻا ذاتي لاڳاپا به آهن، مرحوم ايڊووڪيٽ جي ايم عباسي سندس دوست رهيو آهي ۽ ٻين سان به خانداني تعلقات آهن. چيف جسٽس اعلان ڪيو ته ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن نوشهروفيروز جي لائبريري لاءِ سولر پاور سسٽم ۽ 48 ايئر ڪنڊيشنر ڏنا ويندا. ان سان گڏ ضلعي جي مختلف تعلقن محرابپور، ڪنڊيارو، ڀريا، نوشهروفيروز ۽ مورو لاءِ سولر پاور پلانٽس ۽ اي لائبريريون فراهم ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز ۾ وڌيڪ جج مقرر ڪيا ويندا ۽ وڪيلن لاءِ هائوسنگ سوسائٽي پڻ ڏني ويندي. ان موقعي تي وڪيلن نوابشاهه ۾ هاءِ ڪورٽ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهو سندس اختيار ۾ ناهي، ان لاءِ ضلعي جي لا منسٽر سان رابطو ڪيو وڃي. هن چيو ته مورو ۾ جيڪا بلڊنگ تعمير ڪئي پئي وڃي، اها مثالي هوندي، جيڪا سموري سنڌ ۾ ڪٿي به نظر نه ايندي. آخر ۾ چيف جسٽس وڪيلن کي سندن سمورا جائز مطالبا جلد پورا ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ