ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاھ سان سندس آفيس ۾ ملاقات

سردار خان چانڊيو ڪتي جي قبر کي ھيريٽيج سائيٽ قرار ڏيڻ تي ثقافت کاتي جا ٿورا مڃيا

ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاھ سان سندس آفيس ۾  ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار شاھ سان سندس آفس ۾ ملاقات ڪئي .ان موقعي تي ھن ڪتي جي قبر کي ھيريٽيج سائيٽ قرار ڏيڻ تي سنڌ حڪومت خاص طور ثقافت کاتي جا ٿورا مڃيا. پ پ ايم اي جو چوڻ ھيو ته پ پ قيادت خاص طور صدر آصف علي زرداري ھن تاريخي مقام کي ورثو قرار ڏيڻ ۾ خاص دلچسپي ورتي جنھن جي ڪري ھي تاريخي قدم عمل ۾ اچي سگھيو . ھن وڌيڪ چيو ته ثقافت کاتي ڪتي جي قبر کي ھيريٽيج سائيٽ مقرر ڪرڻ جو باضابطه طور نوٽيفيڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آھي.