اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول اسپتال مان 11 ڊاڪٽر ھڪ سال کان مبينا طور ڊيوٽي تان غير حاضر

سنڌي خبرون 13th Dec 2024 121 مناظر
سجاول اسپتال مان 11 ڊاڪٽر ھڪ سال کان مبينا طور ڊيوٽي تان غير حاضر
سجاول (رپورٽر) ضلعي سجاول جي ھيڊ ڪوارٽر اسپتال سجاول مان يارنھن ڊاڪٽر گذريل ھڪ سال کان ڊيوٽي تان غير حاضر بڻيل، ان حوالي سان ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ڊيوٽي تان مسلسل غير حاضر بڻيل ڊاڪٽر پگھار پڻ کڻي رھيا آھن پر صحت کاتي پاران انھن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي جڏھن ته ويڪنسي سيٽون نه ھجڻ سبب نوان ڊاڪٽر به ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ ڀرتي نٿا ڪيا وڃن جئين ته اڪثر ڊاڪٽرن جي کوٽ ھجڻ سبب مريضن کي پڻ ڪافي مشڪلاتون کي منھن ڏيڻو ٿو پوي ڊيوٽي تان مسلسل غير حاضر بڻيل ڊاڪٽرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي يا انھن کي رليو ڪيو وڃي جئين ئي پوسٽون خالي ٿينديون ته انھن پوسٽن نوان ڊاڪٽر ڀرتي ٿي سگهندا ھيلٿ ڊپارٽمينٽ پاران نه غير حاضر بڻيل ڊاڪٽرن جي خلاف ڪو ايڪشن کنيو ٿو وڃي نه ئي نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ٿا وڃن ان سڄي صورتحال جو ھتان جي چونڊيل نمائندن کي پڻ نوٽيس وٺڻ گھرجي جئين ھتان جي ماڻھن کي صحت جون سهولتون ميسر ٿي سگھن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ