مورو اسپتال ۾ ايس ايس پي ۽ ڊي سي پاران پوليو ويڪسينيشن پوائينٽ جو افتتاح

مورو اسپتال ۾ ايس ايس پي ۽ ڊي سي پاران پوليو ويڪسينيشن پوائينٽ جو افتتاح

مورو (جاني جماڻي) ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز پاران مورو اسپتال اندر پوليو ويڪسينيشن پوائنٽ جو افتتاح، مورو ۾ ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگهار ملڪ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم، چيئرمين نذير احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو عزيز الرحمان ڪلھوڙو، ڊي ايس پي مورو محسن رضا جنڊاڻ سان گڏ پوليو ويڪسينيشن پوائنٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز ارسلان سليم چيو تہ ھن ذريعي ملڪ مان پوليو جو خاتمو آڻي سگھبو ھر ھڪ کي گھرجي تہ ھتي اچي پنھنجي معلومات ڏين ۽ ھن موضيءَ مرض مان نجات حاصل ڪن. جڏھن تہ ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگهار ملڪ سب ڊويزنل پوليس آفيسر مورو محسن رضا جندن سميت سمورن آفيسرن کي سخت هدايتون ڏيندي چيو ته پوليو مهم جي حوالي سان فول پروف ۽ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن پوليو سڪيورٽي ۾ لاپرواهي ناقابل برداشت هوندي جڏهن ته لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڊپارٽمينٽل ايڪشن ورتو ويندو ان موقعي تي پريس ڪلب جو صدر نواب علي اصغر ڪورائي آفيس سيڪريٽري صحافي جاني جماڻي صحافي ظفر پنهور صحافي عارف يوسفزئي صحافي رائو تيمور صحافي جاني مورائي صحافي منظور لغاري ۽ ٻيا موجود هئا