English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پنجاب ڏيڍ صدي کان پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪندو پيو اچي: اياز لطيف پليجو
211 views
|
13th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناھي، وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي
حيدرآباد (بيورور) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب ڏيڍ صدي کان پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪري رھيو آھي. انڪري سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي.حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي تہ پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا. حڪمران سمجھن ٿا تہ سنڌي ماڻھو خاموش رھندا تہ اھا انھن جي ڀل آھي. سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نہ رھندا. سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا تہ حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڊيم ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي ماڻھن کي غسل ڏيڻ جيترو بہ پاڻي نہ ملندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ چار سئو ڪلوميٽر ساحلي پٽي واري سنڌ بيروزگاري سبب بدحال آھي. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر نہ ڪيو وڃي. گرين پاڪستان منصوبو بنجر سنڌ منصوبو آھي. 6 ڪئنال سنڌ کي ڀڙڀانگ بنائي ڇڏيندا. حڪمرانن سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
اياز لطيف پليجو
QAT
0 تبصرے