پ پ سجاول جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس محمد علي ملڪاڻي جي صدارت ۾ منعقد

پ پ سجاول جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس محمد علي ملڪاڻي جي صدارت ۾ منعقد

سجاول (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعه سجاول جو ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس پ پ پ ضلعي صدر صوبائي وزير رئيس محمد علي خان ملڪاڻي جي صدارت ۾ پيپلز پارٽي ڪئمپ آفيس سجاول تي ٿي گذريو جنهن ۾ 21 جون تي شھيد جمھوريت شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 72 ھين سالگراه ضلعي ھيڊ ڪوارٽر سجاول ۾ شاندار نموني سان ملھائي کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏھن ته ٻئي طرف پارٽي جي ورڪرن خلاف ٿيندڙ سازشن کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو پارٽي جا ورڪر پاڻ کي ننڌڻڪو نه سمجھن ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ضلعي جي جنرل سيڪريٽري ايم پي اي ادي ريحانه لغاري ايم پي اي ادي ھير سوھو سابقه ضلع ٺٽي سجاول جو صدر ارباب وزير ميمڻ ، ارباب ڪامران ميمڻ ، دائود سومرو منظور رحيم پليجو، قادر ڪنڀر نجيب سرويچ، عبدالواحد پرهياڙ ، تعلقه صدر ڊاڪٽراقبال ميمڻ، راجا رميز الحق زئور حاجي مامون قريشي يوسف جمالي زاهد حسن کڏو ڊاڪٽر هريش ڪمار شهمير گبول فردوس عزيز ميربحر عبدالغني راهمون امير حيدر پليجو علي نواز خاصخيلي ايڊووڪيٽ لياقت جماري جن ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته ان موقعي تي عبدالله خان لغاري عبدالمطلب ڀٽي منصور موسي لغاري شفيع محمد لغاري مراد چانڊيو صديق ميمڻ عبدالغفور ميمڻ جاني جگر لياقت سومرو ۽ ٻيا دوست پڻ موجود ھئا