ڏوڪري مان شيعا علماءِ ڪائونسل جو قافلو شڪارپور روانو

ڏوڪري مان شيعا علماءِ ڪائونسل جو قافلو شڪارپور روانو

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري مان شيعا علماء ڪائونسل جو قافلو ڊويزنل صدر لاڙڪاڻو زوار ذاڪر حسين ٻگهيو، تعلقي ڏوڪري جي صدر زوار ارشاد علي ٻگهيو، زوار فدا حسين ابڙو جي اڳواڻي ۾ تحفظ عزا و دفاع پاڪستان ڪانفرنس لاءِ شڪارپور روانو. خبر موجب گذريل ڏينهن ڏوڪري تعلقي مان تحفظ عزا و دفاع پاڪستان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ شيعا علماء ڪائونسل جي ڊويزنل صدر لاڙڪاڻو زوار ذاڪر حسين ٻگهيو، تعلقي ڏوڪري جي صدر زوار ارشاد علي ٻگهيو، جنرل سيڪريٽري مولانا ناصر عباس، مولانا عرفات علي عرفاني، زوار فدا حسين ابڙو، زوار عبدالحميد کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين گاڏين جو قافلو ڏوڪري مان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ شڪارپور روانو ٿي ويو،قافلو روانو کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊويزنل صدر لاڙڪاڻو زوار ذاڪر حسين ٻگهيو، زوار ارشاد علي ٻگهيو، زوار فدا حسين ابڙو ۽ ٻين چيو ته شيعا امن پسند ۽ محب وطن پاڪستاني آهن جن سدائين وطن عزيز پاڪستان جي دفاع لاءِ پاڻ ملهايو آهي، ان سلسلي ۾ شيعا علماء ڪائونسل جي مرڪزي سڏ تي شڪارپور ۾ بنيادي مذهبي حقوق جي تحفظ، عزاداري سيدالشهداء جي فروغ، وطن عزيز پاڪستان جي سالميت لاءِ ڪانفرنس ٿي رهي آهي، ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سموري ڊويزن مان شيعا علماء ڪائونسل جا قافلا شرڪت ڪندا، پنهنجي مرڪزي قيادت جي حڪم تي سوين گاڏين جي قافلي سان ڪانفرنس ۾ شرڪت،