English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مظھر ماڊل اسڪول ڪراچي ڪيمپس ۾ استادن جو ٽيون تربيتي سيشن
114 views
|
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
معياري تعليم جي فروغ لاءِ "حسي سکيا جا طريقا جي عنوان هيٺ ٽيون تربيتي سيشن ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)مظھر ماڊل اسڪول، ڪراچي ڪيمپس ۾ استادن جي پيشه ورانه صلاحيتن ۾ واڌ ۽ معياري تعليم جي فروغ لاءِ "حسي سکيا جا طريقا جي عنوان هيٺ ٽيون تربيتي سيشن ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو تربيتي سيشن اسڪول جي پرنسپال افضل قربان ميمڻ ۽ ايڊمنسٽريٽر صفدر قربان ميمڻ جي نگراني هيٺ منعقد ٿيو، جڏهن ته تربيت جا فرض تعليمي ماهر سائين محمود احمد سرانجام ڏنا سيشن دوران استادن کي جديد تدريسي طريقن، ٻارن جي نفسياتي ۽ ذهني ضرورتن ۽ سکيا جي مختلف اندازن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ٽرينر سائين محمود احمد خطاب ڪندي چيو ته هر ٻار سکڻ جو پنهنجو منفرد انداز رکي ٿو، جنهن ۾ بصري سمعي ۽ عملي طريقا شامل آهن. هن چيو ته جيڪڏهن استاد شاگردن جي انفرادي ضرورتن کي نظر ۾ رکي تدريس ڪن ته تعليمي معيار ۾ نمايان بهتري آڻي سگهجي ٿي. تربيتي سيشن دوران استادن گروپ مباحثن، عملي سرگرمين ۽ تدريسي مشقن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ جديد سکيا جي طريقن کي ڪلاس روم ۾ مؤثر نموني لاڳو ڪرڻ بابت عملي تربيت حاصل ڪئي ان موقعي تي پرنسپال افضل قربان ميمڻ چيو ته مظھر ماڊل اسڪول جو مقصد صرف نصابي تعليم تائين محدود ناهي، پر اهڙا استاد تيار ڪرڻ آهي جيڪي هر ٻار جي صلاحيتن کي اجاگر ڪري، سندن علمي، اخلاقي ۽ تخليقي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ايڊمنسٽريٽر صفدر قربان ميمڻ چيو ته استادن جي مسلسل تربيت معياري تعليم جي بنيادي ضرورت آهي، تنهن ڪري اسڪول انتظاميا مستقبل ۾ به اهڙن تربيتي پروگرامن جو سلسلو جاري رکندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مظھر ماڊل اسڪول ڪراچي ڪيمپس
0 تبصرے