شڪارپور (احسان ابڙو ) جي يو آء شڪارپور ضلعي جي اڳواڻن پ پ ايم اين اي شھريار مھر جا الزام رد ڪري ڇڏيا,پريس ڪانفرنس دوران امن بحال ڪرائڻ جو مطالبو، مولانا عبد الله مھر جو چوڻ هو ته شھريار مھر شھر ۾ اچي ڦوڪون ڏئي ھڪ ذات مٿان الزام تراشي ڪرڻ بدران پنهنجي گريبان ۾ جھاتي پائي ڇو ته ڪير به کير ۾ ڌوتل ناهي اھي ڏوھاري ۽ لوفر رڳو جتوئين ۾ نه پر مھرن,تيغاڻين,جاگيراڻين,معرفاڻي,بروھي ۽ ٻين ذاتين ۾ به آهن;جي يو آء سنڌ حڪومت طرفان بدامني تي اربين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود رزلٽ زيرو آهي,شڪارپور ۽ ٻيا ضلعا باهه ۾ ٻريا پيا آهن,سنڌ حڪومت ۽ انهن جا نمائندا ڪنن کان ٻوڙا ٿي چڪا آهن، ان موقعي تي امير علي جتوئي جو چوڻ هو ته ڪشمور/ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد روڊ سان پروٽوڪول ۾ ويندڙ وڏو وزير اڪيلو وڃي ڏيکاري ته کيس بدامني جي خبر پئي!جي يو آء ضلعي شڪارپور جو امير مولانا عبدالله مھر،ڪنهن مٿان الزام تراشي ڪرڻ غلط آهي باقي ھر قبيلي ۾ لوفر آهن جن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي اسان اڳ به بدامني خلاف ڌرڻا ھنيا آهن ۽ ھاڻي به ڏوھارين خلاف بنا فرق جي فوجي آپريشن جا حامي آهيون.
0 تبصرے