English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف ريلي
60 views
|
15th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول (رپورٽر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سجاول ضلعي پاران سنڌو درياهه جي پاڻي تي وفاقي قبضي ۽ سنڌ جي زمين تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ٿيندڙ والار خلاف سخت احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ڊي سي آفيس سجاول کان نشتيل بينڪ چوڪ تائين نڪتي، جنهن جي اڳواڻي پارٽي اڳواڻن قادر بخش زئور، وقار ميراڻي، سجاد ميراڻي، ناٿو زئور، معشوق زئور، ارشاد شيخ ۽ قاسم ميراڻي ڪئي.سخت گرمي جي باوجود وڏي انگ ۾ پارٽي ڪارڪنن ريلي ۾ شرڪت ڪئي ۽ "سنڌو درياهه جي بحاليءَ" لاءِ جذباتي نعرا هڻندا رهيا. ڪارڪنن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا، جن تي وفاق خلاف نعرا لکيل هئا.احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي پارٽي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي حياتيءَ جو وسيلو آهي، جيڪو ازل کان سنڌ جي ملڪيت رهيو آهي، پر بدقسمتي سان جڏهن کان وفاق پاران سنڌو جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، تڏهن کان لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. هنن چيو ته سنڌ جي زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي قبضي هيٺ ڏني پئي وڃي، جيڪا سنڌ واسين جي حقن تي سڌي حملي جي برابر آهي.اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه جڏهن به مستيءَ سان وهي رهيو هو، سنڌ جا شھر ۽ ڳوٺ خوشحال هئا، پر هاڻ صورتحال ايتري خراب آهي جو سنڌ جي وڏي آبادي معاشي بدحالي جو شڪار ٿي رهي آهي. سنڌ جو هارين، آبادگارن، ۽ پورهيتن جو گذر سفر مشڪل بڻجي ويو آهي.پارٽي اڳواڻن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن وفاق پاران سنڌو درياهه تي غير منصفاڻي بندشون ختم نه ڪيون ويون ۽ زمينن جي والار جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سخت قدم کنيا ويندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
0 تبصرے