English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف ريلي
167 views
|
15th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول (رپورٽر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سجاول ضلعي پاران سنڌو درياهه جي پاڻي تي وفاقي قبضي ۽ سنڌ جي زمين تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ٿيندڙ والار خلاف سخت احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ڊي سي آفيس سجاول کان نشتيل بينڪ چوڪ تائين نڪتي، جنهن جي اڳواڻي پارٽي اڳواڻن قادر بخش زئور، وقار ميراڻي، سجاد ميراڻي، ناٿو زئور، معشوق زئور، ارشاد شيخ ۽ قاسم ميراڻي ڪئي.سخت گرمي جي باوجود وڏي انگ ۾ پارٽي ڪارڪنن ريلي ۾ شرڪت ڪئي ۽ "سنڌو درياهه جي بحاليءَ" لاءِ جذباتي نعرا هڻندا رهيا. ڪارڪنن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا، جن تي وفاق خلاف نعرا لکيل هئا.احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي پارٽي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي حياتيءَ جو وسيلو آهي، جيڪو ازل کان سنڌ جي ملڪيت رهيو آهي، پر بدقسمتي سان جڏهن کان وفاق پاران سنڌو جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، تڏهن کان لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. هنن چيو ته سنڌ جي زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي قبضي هيٺ ڏني پئي وڃي، جيڪا سنڌ واسين جي حقن تي سڌي حملي جي برابر آهي.اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه جڏهن به مستيءَ سان وهي رهيو هو، سنڌ جا شھر ۽ ڳوٺ خوشحال هئا، پر هاڻ صورتحال ايتري خراب آهي جو سنڌ جي وڏي آبادي معاشي بدحالي جو شڪار ٿي رهي آهي. سنڌ جو هارين، آبادگارن، ۽ پورهيتن جو گذر سفر مشڪل بڻجي ويو آهي.پارٽي اڳواڻن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن وفاق پاران سنڌو درياهه تي غير منصفاڻي بندشون ختم نه ڪيون ويون ۽ زمينن جي والار جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سخت قدم کنيا ويندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
چهرن جي تبديلي سان ڪجهه نه ٿيندو، نظام جي تبديلي سان سنڌ کي حق ڏياري سگهجن ٿا: خالق جوڻيجو
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت اصغر مستوئي جي آزادي لاءِ احتجاجي مارچ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي عدالت پاران غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت منظور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
0 تبصرے