ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي

ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي

ٺٽو(شفيق ڀٽي)مرغي جي واپاري محمد حنيف سرائي جي چار ڏينهن اڳ آگر محلي ۾ سندس گهر ٻاهران بيٺل چوري ٿيل موٽرسائيڪل جو اڃا تائين ڪو به پتو پئجي نه سگهيو آهي، جڏهن ته واقعي جي رپورٽ ٺٽو ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي.ٻئي طرف، سيف سٽي پروجيڪٽ مان سي سي ٽي وي فوٽيج بابت معلومات حاصل ڪرڻ تي معلوم ٿيو آهي ته ٺٽو-سجاول باءِ پاس واري چوراهي تي لڳل سيف سٽي جون ڪئميرائون بجلي جي فراهمي نه هئڻ سبب گذريل هڪ مهيني کان بند پيل آهن، جنهن سبب پوليس کي جاچ دوران به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.هوڏانهن، ڀرپاسي ۾ لڳل پرائيويٽ سي سي ٽي وي ڪئميرائن ۾ ڪجهه اهم منظر واضح نظر اچن ٿا، پر ان باوجود اڃا تائين نه موٽرسائيڪل هٿ اچي سگهي آهي ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيا آهن.ان سلسلي ۾ متاثر واپاري محمد حنيف سرائي ضلعي پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته چوري ٿيل موٽرسائيڪل جلد کان جلد برآمد ڪري جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جڏهن ته سيف سٽي پروجيڪٽ جون بند پيل ڪئميرائون پڻ فوري طور فعال ڪيون وڃن ته جيئن شهر ۾ ڏوهن جي روڪٿام ۽ جاچ واري عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي.جڏهن ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ٺٽي شهر ۾ موٽرسائيڪلن جي چورين جي واقعن ۾ به نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن سبب شهرين ۽ واپارين ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته پوليس گشت کي وڌيڪ مؤثر بڻائي، چورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.