English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پوليس جون ڪارروائيون، 7 جواري گرفتار
38 views
|
13th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارروائين دوران چوري ٿيل چوپايو مال ۽ 3 موٽرسائيڪلون هٿ
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور پوليس جون ڪارروائيون، چوري ٿيل مال مويشي ۽ 3 موٽر سائيڪلون هٿ، 7 جوا کيڏندڙ گرفتار، ڪيس داخل. ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جي هدايتن تي ضلعي جي مختلف ٿاڻن پاران ڏوھارين خلاف ڪامياب ڪارروائيون ڪيون ويون. پوليس ڪارروائين دوران چوري/ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون، مينهون ۽ ڳئون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته جوا کيڏڻ ۾ ملوث ست ڄڻن کي به گرفتار ڪيو ويو. ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ظھور احمد سومرو جي نگراني ۾ ٿاڻي ڳڙهي ياسين جي پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائيون ڪري ٻه موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون، جيڪي اصل مالڪ عبدالوهـاب سومرو ۽ مولا بخش جيهو حوالي ڪيون ويون. اهڙيءَ ريت ٿاڻي ڪرن پوليس هڪ ٻي موٽر سائيڪل هٿ ڪئي، جيڪا اصل مالڪ غلام شبير جمالي حوالي ڪئي وئي. ٻئي طرف، ٿاڻي دلآور معرفاڻي پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي 11 مينهون ۽ 7 ڳئون هٿ ڪري اصل مالڪ انصاف خان جعفري حوالي ڪري ڇڏيون. ان کانسواءِ، ٿاڻي لکيدر پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي ست جوا کيڏندڙن کي گرفتار ڪيو. گرفتار ٿيلن ۾ برڪت مهر، رضوان، برڪت، خوش محمد، سراج سومرو، امداد ۽ زوهيب سومرو شامل آهن. پوليس انهن وٽان 5,500 رپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فونز هٿ ڪيا آهن. سندن خلاف جوا جي قانون تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ، ۽ ضلعي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ پوليس جون ڪارروايون جاري رهنديون. ڏوھارين لاءِ ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
0 تبصرے