English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور: ڊي ايڇ او آفيس ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اِي پي آئي جي هدايت تي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي
289 views
|
13th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عورتن ۾ رحم جي ڪينسر ۽ ٻين زناني بيمارين جون ڪارڻ ايڇ پي وي آهي: گڏجاڻي کي بريفنگ
شڪارپور ( احسان ابڙو ) ڊي ايڇ او آفيس شڪارپور ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اِي پي آئي جي هدايت تي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي 15 سيپٽمبر کان 30 سيپٽمبر 2025 ۾ ٿيندڙ ايڇ پي وي واري حفاظتي ٽڪن جي بچاءُ واري مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا. ڊي ايڇ او شڪارپور،تفصيل موجب اڄ ڊي ايڇ او آفيس شڪارپور ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر راجڪمار جي هدايت تي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جنهن جي صدارت ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر شڪارپور نادر علي پنهور ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ضلعي جي سڀني اسپتالن جا ميڊيڪل سپرينڊنٽس، سينيئر ميڊيڪل آفيسرس، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن، چيف گائناڪالاجسٽ، پوليس ڊپارٽمينٽ، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، پاپوليشن ڊپارٽمينٽ، تعليم کاتو ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن اِي پي آئي ڊاڪٽر اصغر مهر چيو ته عورتن ۾ رحم جي ڪينسر ۽ ٻين زناني بيمارين جون ڪارڻ ايڇ پي وي آهي ۽ گلوبي عورتن ۾ رحم جي ڪينسر جي حوالي سان ڪينسر ۾ 70 فيصد ڪارڻ ايڇ پي وي کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ڊبليو ايڇ او مطابق هڪ لک جي آباديءَ تي 4 ڪيسز جو هجڻ کپي پر هڪ سروي مطابق اهو انگ 7 کان 8 تائين پهچي چڪو آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر راجڪمار جي هدايت تي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي آهي ۽ وڏي پئماني تي حفاظتي ٽڪن جي بچاءُ جي مهم ٽڪن جي صورت ۾ 15 سيپٽمبر کان 30 سيپٽمبر 2025 ۾ ٿيڻ متوقع ڪيو.ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نادر علي پنهو چيو ته هي ويڪسين زناني بيمارين کان بچاءُ جي آهي. جيڪا ويڪسين 9 سالن کان 14 جي ڇوڪرين جي لاءِ آهي. هن چيو ته هن مهم لاءِ اسان اڳ ئي تياري ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. انڪري جو اسان ان مهم لاءِ فيميل ڊاڪٽرس ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ٽرينگ مهيا ڪنداسين، هن کي محلن جي گهرن، ڳوٺن ۾، اسڪولن، ڪاليجن، ۽ اسپتالن ۾ هن مهم کي ڪامياب ڪنداسين. هن چيو ته ان ويڪسين لاءِ اسان ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي، اين جي اوز ۽ ٻين ادارن کي ليٽر جاري ڪنداسين تاڪه اهي پنهنجي اسڪولن ڪاليجن ۾ انهن ڇوڪرين کي بريف ڪري مطمئن ڪن ۽ هن چيو ته هيءَ ويڪسين ڪينسر جي بچاءُ جي آهي، ويڪسين نه ڪرائڻ جي صورت ۾ ڪينسر جون مختلف بيماريون جنهن ۾ چيسٽ جي ڪينسر، رحم جي ڪينسر، گلي جي ڪينسر جون بيماريون ٿي سگهن ٿيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ڪريڪ ڊائون، ڪرپشن نيٽ ورڪ بي نقاب، 7 جوابدار گرفتار
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بدترين بحران، سوين رهواسي رستن تي نڪري آيا، ميمڻ ڳوٺ روڊ ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻا
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ آيل نينگر ٻڏڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سانوڻيءَ جي موسم ۾ شجرڪاري مهم جي شروعات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏجاڻي کي بريفنگ
رحم جي ڪينسر
شڪارپور
0 تبصرے