English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز: لنجار هائوس کي باهه ڪيس ۾ پڪي ضمانت لاءِ آيل 4 ڄڻا کنڀجي ويا، جتوئي ڀائرن کي 17 جون جي تاريخ ملي وئي
166 views
|
13th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ مورو واقعي جي داخل ٻن ڪيسن ۾ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضي جتوئي ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻي صوبائي وزير مسرور خان جتوئي جي ٻڌڻي 17 جون تائين ملتوي ٿي وئي آهي جتوئي ڀائرن جي وڪيل گلزار علي عالماڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته عدالت سڳوري کي درخواست ڏني ته پروٽيڪٽو ٻيل جي لاءِ جتوئي ڀائر هاء ڪورٽ ويل آهن جنهن سبب ٻڌڻي لاءِ تاريخ ڏني وڃي عدالت 17 جون تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي هوڏانهن پوليس جي وڏي نفري عدالت جي ٻاهران بيٺل رهي ٻئي طرف نوشهروفيروز جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ لنجار هائوس ساڙڻ واري ڪيس ۾ پڪي ضمانت لاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ تاريخ ملڻ بعد واپس ويندڙ ايس يو پي اڳواڻ صمد حسين ڀٽي سندس ڀاء اڪرم ڀٽي، عمران جويو ۽ سجاد کوکر کي عدالت ٻاهران پوليس کنڀي ورتو آهي سندن وڪيلن سينئر وڪيل حاجي مھرو خان ڪلھوڙو ۽ ٻين وڪيلن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پوليس اسان سان بدتميزي ڪري ڌڪا ۽ ٿيلھا ڏئي ايس يو پي تعلقا مورو اڳواڻ صمد حسين ڀٽي سندس ڀاء اڪرم ڀٽي, عمران جويو, سجاد کوکر کي پوليس جي سوين گاڏين جي اٽالن گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته اسان بيل ڪنفرم ڪرائڻ لاءِ پهتل هيا سين عدالت 17 جون تي تاريخ ملتوي ڪئي آهي پر ان جي باوجود پوليس اسان جي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪا زيادتي آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لنجار هائوس
نوشهروفيروز
0 تبصرے