English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: ڳوٺ شفيع مڱريو ۾ مال جي واڙي تي سُتل پيرسن جو گوليون لڳل لاش هٿ
39 views
|
26th May 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ: ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي علائقي ڇور ڀرسان ڳوٺ شفيع مڱريو ۾ هڪ افسوسناڪ واردات پيش آئي، جتي مال جي واڙي تي سُتل پيرسن شخص نبي بخش ولد ارباب علي مڱريو جي گوليون لڳل لاش هٿ، مقتول جو لاش واڙي مان صبح سوير هٿ اچڻ بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، اطلاع ملڻ تي ڇور پوليس ۽ علائقي واسي واقعي واري هنڌ پهچي ويا، مقتول نبي بخش مڱريو اڪيلو مال جي واڙي تي رهندو هو ۽ چوپايو مال سنڀاليندو هو، وارثن موجب هو هر رات واڙي تي سمهندو هو، گذريل رات نامعلوم هٿياربند فائرنگ ڪري کيس بي رحماڻي نموني قتل ڪري فرار ٿي ويا، مقتول جي ڀاءُ مراد مڱريو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني يا تڪرار نه آهي، ڀاءُ رات ماني کائي معمول مطابق واڙي تي سمهي پيو، صبح پوليس کان لاش جي خبر ملي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته پوليس شفاف جاچ ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري، جڏھن تہ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪَ حقيقتون سامهون اينديون، ڇور پوليس موجب، هن قتل ڪيس جي پٺيان جا محرڪ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي، واقعي سان لاڳاپيل ماڻهن کان بيان ورتا پيا وڃن ۽ جلد قاتلن جي گرفتاري جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے