ملير: پپري ۾ مبينا بدفعلي جو نشانو بڻيل نينگر واري واقعي جو 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ملير: پپري ۾ مبينا بدفعلي جو نشانو بڻيل نينگر واري واقعي جو 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ملير (عبدالرشيد مورجھريو) بن قاسم ٿاڻي جي حد پپري جي علائقي ۾ جنسي ڏاڍائي وارو معاملو, زيادتي جو شڪار بڻجندڙ نينگر وارثن سان گڏ بن قاسم ٿاڻي تي پھچي ويو, بن قاسم پوليس پاران ايم ايل او لاء ليٽر ڏئي جناح اسپتال منتقل تفصيل موجب بن قاسم ٿاڻي جي حد پپري جي علائقي ۾ جنسي ڏاڍائي جو شڪار نينگر وارثن سان گڏ بن قاسم ٿاڻي تي پھچي ويو بن قاسم پوليس پاران ايم ايل او لاء ليٽر ڏئي جناح اسپتال منتقل ڪيو پوليس موجب وارثن جناح اسپتال مان ايم ايل او ڪرائي واپس ٿاڻي تي پھچي ايم ايل او رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي ايم ايل او رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق ٿيڻ کانپوء واقعي جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي نينگر جي مدعيت ۾ ايف آء آر داخل ڪئي وئي آهي جڏھن ته زيادتي جو نشانو بڻجندڙ نينگر ٻڌايو ته زيادتي سندس دوست عماز ولد شاھد ۽ 4 اڻڄاتل جوابدارن ڪئي پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي