نوشھروفيروز: سول سرجن پاران موڪل واري ڏينهن به سول اسپتال آمد

اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت اسپتال اندر کوڙ سهولتون موجود آھن: ڊاڪٽر خادم علي مڱريو

نوشھروفيروز: سول سرجن پاران  موڪل واري ڏينهن به سول اسپتال آمد

نوشھروفيروز(ڊر) سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو پاران موڪل واري ڏينهن به سول اسپتال جي مختلف وارڊن جو اچانڪ دورو ڪري ملازمن جي حاضري چيڪ ڪرڻ سان گڏ صفائي سٿرائيء جو جائزو ورتو ان موقعي تي سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو جو چوڻ هو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت اسپتال اندر کوڙ سهولتون موجود آھن اهو ئي سبب آھي جو اڄ موڪل جي ڏينهن به مريضن جي رش آھي جن لاء ٽي ڊاڪٽر ۽ ليڊي ڊاڪٽر سميت ٻيو عملو خدمت ۾ مصروف آھي هن چيو ته منهنجي ذاتي ڪوشش سان هن مهيني جي آخر تائين آئي سي يو وارڊ جو ڪم ٿي ويندو جنهن سان نوشھروفيروز جي عوام کي تمام کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو هن چيو جلد سول اسپتال کي هيڊڪواٽر اسپتال جو درجو ڏيارڻ جي به خوشخبري ڏينداسين ۽ ريفر اسپتال وارو داڳ مٽائي ڇڏينداسين۔