سي سي آءِ سنڌ جي ماڻهن سان دوکو ڪيو آهي، فيصلي کي رد ٿا ڪريون، تحريڪ جاري رهندي: اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ۽ درياءَ جي بچاءَ لاءِ ريلي

سي سي آءِ سنڌ جي ماڻهن سان دوکو ڪيو آهي، فيصلي کي رد ٿا ڪريون، تحريڪ جاري رهندي: اياز لطيف پليجو

کپرو : قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ڪئنالن جي مستقل خاتمي.لاء ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي سودي خلاف گرھوڙ شريف کان ھزارين ماڻھن جي ريلي ڪڍي، جنھن جو کاھي، غزين آباد، ڀٽ ڀائتي، رتوڪوٽ، ڍليار ۾ گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. اياز لطيف پليجو ھزارين ماڻھن سان کپرو پھتو تہ شھرين، واپارين سميت سياسي سماجي ماڻھن سندس شانائتو آڌرڀاءُ ڪيو. کپرو ۾ پراڻي ٽرڪ اڏي کان پيادل مارچ ڪري شھيد چوڪ تي جلسہ عام ڪيو ويو، جنھن جي ميزباني اقوام متحده ۾ سفير مير حسن راڄڙ ڪئي. جڏھن تہ روشن مري، ايڊووڪيٽ ظفر نور مري، انور نوحاڻي، نثار ڀرڳڙي, ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، مقصود ڀرڳڙي، شوڪت نوحاڻي، بابو نوحاڻي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا. ان موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ بيماريءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ ويندا آهيو يا ڪم ٽپائيندا آهيو، سنڌي ماڻهن جي جان آجي ناهي ٿي، اسان جو مطالبو اهو نہ هو تہ مڙئي منهنجي جان ڇڏ، سي سي آءِ سنڌ جي ماڻهن سان دوکو ڪيو آهي، فيصلي کي رد ٿا ڪريون، سي سي آءِ واضح فيصلو ڏيڻ بدران معاملو اينگهائي ڇڏيو آهي ايڪنڪ، ارسا، هي هو، ڪٿان آيو، اِهو ائين آهي تہ فيصلو مون وٽ اچي ۽ مان وري ٻي ڏي موڪليان، ڪئنالن جو فيصلو مستقل واپس ناهي ٿيو، ڪئنالن جي تلوار لٽڪيل آهي، آئين چوي ٿو تہ سي سي آءِ پاڻ فيصلو ڪري يا صدر کي موڪلي سي سي آءِ جو خط گمراھ ڪندڙ آهي. اسان صرف معطلي نہ پر ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالن کي مستقل طور تي منسوخ ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ وفاق ڪالھ تصديق ڪئي تہ سنڌ جا اعتراض صحيح هئا جيڪڏهن ڪالھ حڪمرانن سچ ڳالهايو آهي تہ پوءِ اهي هاڻي تائين ڇو چوندا هئا تہ ڪينال ملڪ جي مفاد ۾ آهن زمينن تي قبضا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سان سنڌ تباھ ٿي ويندو، ملڪ جي ماڻهن کي سنڌ جي هارين سان گڏ بيهڻو پوندو اسين سنڌ جي حقن لاءِ سڄي پاڪستان جا دروازا کڙڪائي رهيا آهيون، اسان ڀارت جي ڌمڪين جي سخت مذمت ڪريون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ بادشاهي نظام لاء زمينون الاٽ ڪيون پيون وڃن ھر ضلعي ھر تعلقي اندر رياستون ٺاھيون پيون وڃن جنھن ۾ سنڌين جو استحصال ھوندو ڪارپوٽريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي ۾ 20 کان 50 ھزار ايڪڙ زمين ڏين پيا انهن جو مقصد آهي تہ پھرين زمينن کي آباد ڪندو پوءِ انهن زمينن تي ٻين صوبن کان ھاري، مشين آپريٽر، مڪينيڪل انتظاميہ آڻبي اھا سڄي اسٽيٽ ٺھندي سنڌ جي ھر ضلعي ۾ نئون ضلعو ٺاھيندا ان ۾ ڪو بہ سنڌي ماڻهو نہ ھوندا اتي ٻيا ماڻهو ھوندا پوءِ ايس ايس پي ۽ ڊي سي اتي حاضري ڏيندا پوءِ انهن جي چوڻ تي فيصلا ٿيندا توهان شاھپورچاڪر، دڙو، ميھڙ ۾ گهمندا ھوندا شانگھڙ، سجاول ۽ دادو ضلعن جي وچ ۾ ٻئي شيء ھوندي زرداري سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڌاڙين ماڻهن کي ڏئي ڇڏي آهي.حڪمران ٻڌي ڇڏيو، ڪنهن کي بہ سنڌ جا وسيلا، زمينون ۽ پاڻي چوري ڪرڻ جي اجازت نہ ڏينداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار خاطر وسيلن، پاڻي ۽ 18 هين ترميم تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي سنڌ ۾ ميرٽ جي بحالي ۽ ڪرپشن جو خاتمو چاهيون ٿا نوان ڪينال ٺاهڻ ۽ چشمه ۽ تونسا ڪينال کي مسلسل وهائڻ غير آئيني عمل آهي وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ نون ڪينالن جي تعمير ملڪ جي بقا خلاف سازش آهي اسان پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني ۽ حقيقي جمهوريت چاهيون ٿا سنڌ جا مزدور ۽ هاري بيروزگار آهن، انهن جا ٻار تعليم کان محروم آهن سنڌ گئس ۽ پيٽرول پيدا ڪري ٿي، پر سڄي سنڌ ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ آهي، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي سخت مزاحمت ڪنداسين سينيٽ کي عوام لاءِ حقيقي نمائندگي ڪندڙ ۽ طاقتور فورم بڻائڻ جي ضرورت آهي ڪنهن بہ ٻاهرين جارحيت جي خلاف 25 ڪروڙ پاڪستاني متحد آهن اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کي پاڻي نہ ملي رهيو آهي، هاري ۽ آبادگار سخت متاثر ٿي رهيا آهن ٻڌايو تہ اسان جو ڪهڙو قصور آهي جو اسان جو پاڻي ۽ وسيلا کسيا پيا وڃن؟سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گورننس ۽ آئيني جي بالادستي جو بحران آهي، سڀني صوبن کي ڳنڍڻ جا ذريعا آئين، عدليه ۽ سنڌو درياھ آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌو درياءَ، زمينن سميت وسيلن جي سوديبازي ڪري سنڌي ماڻھن جي پٺ ۾ خنجر پئي ھڻي سنڌ کي مڪمل ختم ڪرڻ چاھي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. ايندڙ وقت سنڌ لاءِ وڌيڪ ڏکيو آهي. زرداري ليگ کي سنڌي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪا بہ پرواھ نہ آھي سنڌي عوام تي تڪليفون اچڻ سان ڄڻ زرداري ليگ ۽ سندس ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي لاٽري کليو وڃي.